ھندستان جي نئين حڪومت ۽ خطي جو امن

چئبو آھي تھ پاڙيسري تبديل نھ ڪري سگھبا آھن،ائين وڻن يا نھ پر ھندستان  ۽ پاڪستان ھڪ ٻئي جا پاڙيسري آھن،جيڪڏھن اھي پنھنجي رويي کي بدلائين تھ حالتون ڪنھن قدر  بھتر رخ ۾ اڳتي وڌي سگھن ٿيون ۽ ھڪ ٻئي سان بھتر پاڙيسري طور رھي سگھجي ٿو.جنھن جي ھر دور ۾ گنجائش موجود رھي آھي.

ھلندڙ سال دنيا جي ڪيئن ملڪن لاءِ چونڊن وارو سال آھي.ڪٿي چونڊون ٿي ويون آھن ڪٿي اڃان ٿيڻيون آھن،ھندستان  ۾ بھ چونڊون ٿيون،جنھن جي نتيجن گھڻن کي تھ حيران ڪري ڇڏيو،خاص طور تي ڀارتيھ جنتا پارٽي جنھن پنھنجي مھم دوران جيڪي دعوائون ڪيو ان مان نھ رڳو ھوا نڪري وئي پر اھا پنھنجي اڳواڻ ۽ وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ ھڪ سيڪيولر سڃاڻپ رکندڙ ھندستان  سماج سان جيڪا ويڌن ڪري رھيا ھئا،ان عمل جو رستو ڪافي حد تائين رڪجندو نظر اچي رھيو آھي.

ان ۾ شڪ ناھي تھ جيڪي ماڻھون مودي جي فڪر،فلسفي ۽ پاليسي سان اتفاق نھ ڪندا ھئا،اھي خوش بھ ٿيا آھن،ان سان گڏ پاڪستان ۾ پڻ جمھوريت جي حامي حلقن ان جي آجيان ڪئي آھي.

سکڻين دعوائن ۽ بي ڍنگي ٻولي توڙي نفرت واري لھجي سبب نريندر مودي جي پارٽي  ۽ سندس اتحادي جماعتن کي عوام ووٽن جي طاقت سان پٽ تي ڪيرائي وڌو آھي.اجائي ھٺ ڌرمي،ھٿ ٺوڪي انتھاپسندي ۽ خاص ڪري ھندستان  ۾ مسلمان نفرت کي ھوا ڏيندڙ مودي جي ايجنڊا کي عوام جي اڪثريت رد ڪري ڇڏيو آھي.ھٿ ٺوڪين اڳواڻن سان ائين ٿيڻ اوس آھي،ٻھ ڀيرا وزارت اعظيٰ جي منصب تي فائز رھندڙ مودي کي ٽيون ڀيرو پڻ اھو عھدو ملي رھيو آھي پر ھن وقت کيس اتحادين وٽ جھڪڻو پڻ پوندومودي جي  سموري اڳوڻي دور ۾سندس ڪيل عمل مان عوام اطمينان نھ ھئڻ جو پيغام ڏنو آھي.

ھاڻي جيتوڻيڪ ھو حڪومت جي واڳ سنڀاليندو پر ساڳئي وقت اھو خطرو پڻ موجود رھندو تھ ڪنھن ھيٺ مٿاھين جي نتيجي ۾ سندس اتحادين کي اپوزيشن ڦيرائي نھ وڃي،جنھن ڪري ھن ڀيري نريندر مودي ھندستان  جو ڪمزور وزيراعظم ھوندو.

دنيا جي وڏي جمھوريت ۽ اڳتي وڌندڙ معيشت ھوندي عوام آخر ڀارتيھ جنتا پارٽي کي ڇو پٽ سان لڳايو آھي.ان جو جواب سياست سان دلچسپيءَ رکندڙ مبصر ھي ڏين ٿا تھ دوکي،چالاڪي،ڪوڙ ۽ دغا جو راڄ گھڻو وقت نٿو ھلي سگھي.جيتوڻيڪ ھندستان  دنيا جي وڏي معيشت آھي،وڏي منڊي آھي، ان ھوندي بھ اتي غربت ۽ مھانگائي اھڙا مسئلا آھن جنھن ڪري عام شھري جي زندگيءَ جو معيار ھيٺ وڃي رھيو آھي.ٽيون سبب نريندر مودي جو اينٽي جمھوريت،اينٽي مسلم،اينٽي پاڪستان ۽ انتھا پسندي واريءَ ايجنڊا آھي.عام ماڻھو جي اڪثريت ان کي رد ڪري ٿي.

مودي ملڪ کي ڪنھن جمھوري اڳواڻ بدران ھڪ آمر جيان ھلايو، پنهنجي سياسي ڪاميابيءَ لاءِ سرڪاري وسيلا ۽ انتظامي اختيار بي رحمي سان ڪتب آندا.عدليھ۽ ميڊيا جي آزادي کي سوڙھو ڪيو ويو.پنھنجي حامين جا جٿا بھ اڳيان ڪيا،عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.مذھبي اقليتن جي آزاديءَ سلب ڪئي وئي.جنھن ڪري عوام ان کي ووٽن جي ذريعي ردعمل ڏنو آھي.

نريندر مودي جي نئين دور ۾ سڀ کان وڏو چئلينج اهو هوندو ته هو ڪيتري حد تائين سياسي غلطين مان سبق حاصل ڪري انهن کي درست ڪرڻ جي نيت ڪري ٿويا وري هڪ ڀيرو ٻيهر هندو جذبات کي ڀڙڪائي ٿو.

هندو انتهاپسندي جو چيمپئن بڻجڻ لاءِ نريندر مودي هندستاني مسلمانن خلاف نعرا هڻڻ کان علاوه پاڪستان خلاف به مهم هلائي. چونڊ مهم دوران هن ڪيترائي ڀيرا اهڙا چڙ ڏيارڻ وارا بيان ڏنا، جنهن تي پاڪستاني پرڏيهي وزارت کي رد عمل ظاهر ڪرڻو پيو. ٽين اتحادي حڪومت جي وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ سندس لاءِ ٻيو وڏو چئلينج خطي جي صورتحال کي تبديل ڪرڻ هوندو. ھندستان   هڪ طرف چين جي خلاف ٽڪراءَ ۾ آھي ۽  آمريڪا جو اسٽريٽجڪ اتحادي آهي ته ٻئي طرف پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۽ ان جي اقتصادي ۽ سفارتي پوزيشن کي ڪمزور ڪرڻ جون ڪوششون ڪندو رھيوآھي. ھاڻي وقت آھي جو خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪري سگهجي ٿو ۽پاڪستان سان ڳالهين ذريعي ۽ گڏيل تڪرارن کي حل ڪرڻ سان ئي ٻنھي ملڪن توڙي خطي جي عوام جي ڀلائي لاءِ وسيلا ڪتب آڻي سگهجن ٿا.

مودي جي پاليسين جي ناڪامي جو هڪ سبب طبقاتي وڇوٽي آھي.جنھن ڪري عوام۾بي چيني موجود آهي. ان عوامي پريشاني کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن کي پاڪستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن بابت پنهنجي حڪمت عملي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي.تازين چونڊن دوران مودي سموريون حدون ۽ سرحدون لتاڙيندي  سياسي مخالفن کي گرفتار ڪري جيل ڀيڙو ڪيو ته جيئن کيس ۽ سندس حامي ڌرين کي ڪنهن مزاحمت کي منهن ڏيڻو نه پئي.

گذريل دور حڪومت ۾ هن والاريل ڪشمير کي مرڪز جي انتظام هيٺ ڪري ان جي خودمختياري ختم ڪري پنهنجي هندو حامين کي خوش ڪيو۽ ھندو قومپرست ثابت ٿي ھندو ووٽ وڌايا.

بي جي پي، جو اھو فلسفو پڻ عقل کان مٿاھون آھي تھ ملڪ ۾ مسلمان اقليت  ھندوئن جي لاءِ خطرو آھن،جنھن ڪري انھن کي  نشانو بڻايو ويو،پنھنجي تقريرن ۾ هن مسلمانن کي هندستان تي ڌارين حملي ڪندڙ قوت قرار ڏنو ھو. سندس اھڙي پاليسي۽ ايجنڊا ھئڻ ڪري ھندستان  جي مسلمانن مٿان ظلم ڪرڻ ۽ انھن تان ٺٺوليون ڪرڻ واري عمل کي رواج ملڻ لڳو ھو.والاريل ڪشمير جي آزاد آئيني حيثيت کي ختم ڪرڻ کان علاوه مودي حڪومت اتي ڊوميسائيل قانونن ۾ تبديليون ڪيون ۽ اتي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي اتي جا ڪاغذ پٽ ڏئي ڪري انھن جا حق تسليم ڪيا ويا،ان جو مقصد مسلمانن جي ملڪيتن تي وار ڪرڻ ھو،اھڙي ريت ھن ڪوشش ھئي تھ ڪشمير ۾ هندن جي اڪثريت وڌائي ڪري ان کي اتي جي سياسي طاقت بڻايو وڃي.

ھاڻي جڏھن ھندستان  جي انتھاپسند قوتن کي شڪست ملي رھي آھي تڏھن اھڙي خيال ۽ بيانيئي کي جا حامي اڳوڻن کي پڻ ان تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي ۽ اڄوڪي دور جي گھرجن موجب سائنسي بنيادن تي سياست جا بنياد رکي ڪري اڳتي وڌڻ گھرجن.رڳو پاڪ ھند لاڳاپن کي بھتر ڪري ھڪ ٻئي سان واپاري جو سلسلو شروع ڪيو وڃي تھ پڻ ٻنھي ملڪن جي عوام لاءِ بھتري جي واٽ نڪري سگھي ٿي.دنيا ۾ تڪرار ھوندي بھ ٻيا ملڪ ھڪ ٻئي سان واپاري جاري رکن ٿا.جنھن مان ڏکڻ ايشيا جي ھنن ٻنھي ملڪن کي سکڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.