پريا ڪماري ۽ نويد لاشاري جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر )سنگرار مان اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري، جيڪب آباد مان اغوا ٿيل 7 سالن جي نويد لاشاري جي آزاديءَ لاءِ  شھيد ڀٽو طرفان ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻھن طرفان معصوم نياڻي پريا ڪماري، ننڍڙي نويد لاشاري جون تصويرون ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري جي اڳواڻي پ پ شھيد ڀٽو سنڌ جو صدر زبير جتوئي، ماما رحيم کوسو، لياقت عمراڻي، حاجي بگن ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيوته گذريل 3 سالن کان معصوم نياڻي پريا ڪماري قيد آھي جنھن کي پوليس ھن مھل تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آھي، ھنن وڌيڪ چيوته ته گذريل 7 مھينن کان جيڪب آباد مان 8 سالا نينگر نويد لاشاري کي اغوا ڪيو ويو پر پوليس انتظاميا ھن مھل تائين سندس جي بازيابي نه ڪرائي سگهي آھي، سنڌ اندر امن امان جي انتھائي خراب صورتحال آھي،  سنڌ حڪومت ھن وقت تائين امن امان جي خراب صورتحال تي ڪنٽرول آڻڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي،  ڇا سکر پوليس کي خبر ناھي ته پريا ڪماري ڪنھن اغوا ڪرايو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.