ن ليگ ۽ پ پ گڏجي هتڪ عزت بل جي تياري ڪئي: حافظ نعيم

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي  جي امير حافظ نعيم  الرحمان چيو آهي ته جماعت اسلامي هتڪ عزت بل کي رد ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڪارو قانون اونداهي ۾ پاس ڪيو ويو، جماعت اسلامي بل جي مخالفت ڪندڙ پهرين جماعت هئي. حافظ نعيم چيو ته پنجاب جي گورنر جو ان موقعي تي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو. هن چيو ته وقتي گورنر پاران بل تي صحيح ڪرڻ اظهار جي آزادي تي پابندي لڳائڻ برابر آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي ان قانون جي تياري ۽ منظوري ۾ برابر جا شريڪ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.