لاهور (م ڊ) پنجاب جي گورنر سليم حيدر چيو آهي ته مان هتڪ عزت بل تي صحيحون ناهي ڪئي، اهو 15 ڏينهن کانپوءِ پاڻمرادو واپس ٿي وڃي ها. ميڊيا سان ڳالهائيندي سليم حيدر چيو ته پيپلزپارٽي هتڪ عزت بل خلاف آهي ۽ مان بل کي روڪڻ لاءِ گورنر جي حيثيت ۾ ڪوششون ڪيون. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل عرب امارات ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ويزا مسئلن تي اختيارين سان هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي. سليم حيدر ٻڌايو ته اوورسيز پاڪستانين جا مسئلا وڌي رهيا آهن، پاڪستاني ايئرپورٽس تي اوورسيز ڊيسڪون خالي هونديون آهن، پنجاب جو گورنر هائوس اوورسيز پاڪستانين جو ٻيو گهر آهي.