آءِ ايم ايف جو رعايت ڏيڻ کان انڪار، ٻه هزار ارب رپين جا نوان ٽيڪس تيار

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) وچ ۾ ايندڙ قرض پروگرام جي حوالي سان ڪيترين ئي تجويزن تي اختلاف برقرار آهن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب اڳوڻي فاٽا جي علائقن  لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ تي پاڪستان  آءِ ايم ايف وچ ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو پر ٻنهي ڌرين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف جو اڳوڻي فاٽا جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ تي زور آهي جڏهن ته ناڻي واري وزارت جو موقف آهي ته اڳوڻي فاٽا جي ترقي لاءِ هڪ سال جي ٽيڪس ڇوٽ ضروري آهي. اڳوڻي فاٽا کي درآمدي مشينري، انڪم ٽيڪس تي ڇوٽ ڏيڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جو ايڪسپورٽرز تي انڪم ٽيڪس وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي جنهن جي تحت ايڪسپورٽرز تي لڳايل انڪم ٽيڪس جي شرح وڌائي ويندي. ذريعن ٻڌايو آهي ته هن وقت ايڪسپورٽرز تي  انڪم ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو لاڳو آهي پر هاڻ اتفاق ڪيو ويو آهي ته ايڪسپورٽرز کان خرچن ۽ آمدني موجب ٽيڪس وصول ڪيو ويندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پگهار ۽ غير پگهاردار طبقي تي انڪم ٽيڪس ريٽ تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف ۾ اتفاق نه ٿي سگهيو. جڏهن ته زراعت ۽ هيلٿ سيڪٽر تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس تي به ڌرين ۾ نااتفاقي آهي. ذريعن موجب پاڪستان طرفان هڪ لک روپيه ماهوار پيشنز تي ٽيڪس لڳائڻ تي به راضپي جو اظهار ڪيو ويو آهي جڏهن ته صوبائي ۽ وفاقي ٽيڪسز ۾ هڪ جهڙائي لاءِ قومي ٽيڪس اٿارٽي ڪونسل قائم ڪرڻ تي ڳالهيون جاري آهن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو آهي ته ريئل اسٽيٽ جي شعبي تي ٽيڪس لڳائڻ تي اڳڀرائي جاري آهي ۽ آءِ ايم ايف ايندڙ قرض پروگرام جي شرط کي بجيٽ جو حصو بنائي پارليامينٽ کان منظوري جو شرط به لاڳو ڪري رکيو آهي. آءِ ايم ايف پنهنجي مطالبن ۾ ڪابه رعايت ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.

اسلام آباد( بيورو/م ڊ) ايندڙ بجيٽ ۾ 2 هزار ارب رپيا اضافي روينيو حاصل ڪرڻ لاءِ نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ايف  بي آر موجب شروعاتي مرحلي ۾ پيٽروليم شين تي 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيٽروليم شين تي 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان 600 ارب رپين جي آمدني جو امڪان آهي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال جي فنانس بل ۾ سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ کي ختم ڪرڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي، سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ جي خاتمي سان 550 ارب رپين جي اضافي آمدني جو امڪان آهي. ذريعن موجب سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ 1 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي ته اضافي ٽيڪس جو هدف پورو ڪيو وڃي، جنهن سان 100 ارب رپين جي اضافي آمدني جو امڪان آهي.  ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته سيلز ٽيڪس جي شرح به 18 سيڪڙو مان وڌائي 19 سيڪڙو ڪئي ويندي جڏهن ته ڪمرشل امپوررز لاءِ امپورٽ ڊيوٽي ۾ هڪ سيڪڙو واڌ جي تجويز به غور هيٺ آهي.  ذريعن موجب ڪمرشل امپورٽرز ڊيوٽي جي شرح وڌائڻ سان 50 ارب رپين جي اضافي آمدني جو اندازو لڳايو ويو آهي. ايف بي آر ذريعن موجب ايندڙ بجيٽ جون سموريون ٽيڪس تجويزون آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيون ويون آهن، سيلز ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ سان ايندڙ مالي سال ۾ مهانگائي جي شرح ۾ اضافي جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اضافي روينيو حاصل ڪرڻ جون تجويزون ابتدائي مرحلن ۾ آهن، جن ۾ تبديليون ممڪن آهن، جڏهن ته 700 ارب رپيا وڌيڪ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون غور هيٺ آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.