ڪارخانن ۾ ٺيڪيداري نظام خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(رپورٽر)نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاڪستان، ھوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن ۽ مختلف مزدور تنظيمن طرفان ڪارخانن  ۾ جاري اجرتي غلامي واري ٺيڪيداري نظام خلاف، اجرتن ۾ واڌاري لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ وڏي تعداد ۾ مزدورن ھٿن ۾ ڳاڙھا جھنڊا ۽  پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي ،احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ ناصر منصور، ڪامريڊ زھرا خان، ڪامريڊ رياض عباسي، لياقت علي ساھي ۽ ٻين ڪئي. اڳواڻن چيوته ملڪ جا 9 ڪروڙ مزدور شديد معاشي استحصال جو شڪار آھن، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ موجود غير قانوني ٺيڪيداري نظام مزدورن کان انھن جي سڃاڻپ ئي کسي ورتي آھي. اڳواڻن وڌيڪ چيوته آءِ ايم ايف جي دٻاءُ ۾ اھڙين معاشي پاليسين کي ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ٿو وڃي جنھن جا خطرناڪ نتيجا نڪري سگھن ٿا، ھن وقت مزدور غربت ۽ افلاس واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، سنڌ ليبر ڪوڊ جي مسودي کي رد ڪندي ٺيڪيداري نظام کي قانوني تحفظ فراھم ڪرڻ واري ڪوشش جي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ٿا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مزدور جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت پنجاھ ھزار روپيه ماھوار ڪئي وڃي، سوشل سيڪيورٽي ۽ پينشن سڀ شھرين کي فراھم ڪئي وڃي، فيڪٽرين ۽ ڪارخانن مان غير قانوني ٺيڪيداري نظام ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.