منڊي بهاءُ الدين: 2 احمدين جي قتل ۾ ملوث حافظ قرآن گرفتار

منڊي بهاءُ الدين (م ڊ)  پنجاب جي شهر منڊي بهاؤالدين جي ڳوٺ سعدالله پور جي پوليس احمدي برادري جي ٻن ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي  الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو آهي. منڊي بهاءُ الدين پوليس  ترجمان موجب ديني مدرسي جي شاگرد 18 ورهين جي جوابدار فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن 60 سالن جي غلام سرور ۽ 30 سالن جي راحت احمد باجوه کي سندن گهرن ويجهو ٽارگيٽ ڪيو ويو. پوليس قتل ۽ اينٽي ٽيررازم ايڪٽ تحت ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. مارجي ويلن کي مٿي، پٺي ۽ ڳچيءَ ۾ گوليون لڳيون. ٻئي طرف جماعت احمديه پاڪستان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن سان گڏ قتل ۾ ملوث سهولتڪارن کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏني وڃي. پنجاب پوليس جي آءِ جي ڊاڪٽر عثمان انور متاثرن کي يقين ڏياريو ته جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. پوليس جوابدار کي گهر ڀرسان ڪوارٽر مان حراست ۾ ورتو، سندس قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. منڊي بهاؤالدين پوليس موجب جوابدار جو پيءُ زميندار آهي، جڏهن ته سندس ٻه وڏا ڀائر پرڏيهه ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. پاڻ ڪجهه سالن کان هڪ مدرسي ۾ پڙهندو هو ۽ تازو ئي حافظ قرآن ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.