خيرپور يونيورسٽي جي وي سي جي ساک خراب آهي: جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي (رپورٽر) خيرپور يونيورسٽي جي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي  جي اڳواڻن اختيار گھمرو ،حسام الدين شيخ، يونس ڦلپوٽو ۽ ٻينڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته ست مھينا اڳ وي سي جي نازيبا حرڪتن جي وڊيو وائرل ٿي ھئي جنهن سبب شاگردن ۽ انھن جي والدين ۾ تاءُ پکڙيل آھي، انھي عمل خلاف وي سي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي خلاف احتجاج پڻ ڪيا ويا جنھن بعد نگران حڪومت وائيس چانسلر کي ھڪ مھيني جي جبري موڪل تي اماڻيو ويو. ھنن وڌيڪ چيوته نازيبا وڊيو وائرل واري واقعي جي انڪوائري رپورٽ  ملڻ بعد وي سي جي موڪل ۾ 30 سيپٽمبر تائين اضافو ڪيو ويو جنهن بعد ھاءِ ڪورٽ سکر  31 مئي تي وائس چانسلر کي معطل ڪري 4 جون تي شنوائي رکي ھئي، ھن وڊيو جي وائرل ٿيڻ بعد شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ شاگردياڻين جي داخلا ۾ 70 سيڪڙو گھٽتائي آئي آھي، جنهن اداري جو سربراھ  ان قسم جي حرڪتن ۾ ملوث  ھوندو ته انھيءَ اداري ۾ ڇوڪريون ڪيئن محفوظ رھنديون. اڳواڻن وڌيڪ چيوته شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي وي سي خليل ابو پوٽو کي ھٽايو وڃي، وائرل نازيبا وڊيو بابت انڪوائري ڪميٽي به اھو ناھي ٻڌايو ته ھي جعلي آھي سچي آھي. عدالت جي فيصلي جي خلاف ناھيون آگسٽ تائين موڪلون آھن شاگردن جي تعليم متاثر نه ٿيندي.  اڳواڻن وزيراعلي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته وائس چانسلر کي فوري طور هٽايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.