ڪراچي (رپورٽر ) ريڙهي ڳوٺ ڀرسان صديق خاصخيلي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان بسم الله عباسي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ علائقي واسين طرفان احتجاج ڪيو جڏهن ته قتل ٿي ويل نوجوان جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي سکڻ پوليس کي فوري طور تي قاتل گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ياد رهي ته گذريل رات سکڻ ٿاڻي جي حد صديق خاصخيلي ڳوٺ ۾ گهر اڳيان نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو جنازي نماز ۾ شهرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان حوالي سان قتل ٿيل نوجوان جي وارثن چيو ته احتجاج جي باوجود ڪو به چونڊيل نمائندو نه پهتو اسان سان انصاف ڪيو وڃي قاتلن جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي.پوليس موجب ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي پاران واقعي جو نوٽيس جاچ ڪري قاتلن جي گرفتاري يقيني بڻائڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن.