پشاور (م ڊ) سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته اي اين پي بلوچستان پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ 6 جماعتي اتحاد قائم ڪيو. جاري ڪيل بيان ۾ ايمل ولي خان چيو ته هن 6 جماعتي اتحاد جو مقصد حڪومت ٺاهڻ يا ان جو تختو اونڌو ڪرڻ ناهي ۽ نه ئي ان اتحاد جو مقصد عام مسئلن جو حل ڪڍڻ آهي. هن چيو ته اسان جي اڳواڻن عوام کي ووٽ جو حق ڏنو هو پر هن ڀيري عوام کان ووٽ جو حق به کسي ويو. اي اين پي صدر چيو ته گم ٿيل ماڻهو اصل مسئلو آهي، بلوچستان جا ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏئي رهيا آهن، سمورين پارٽين واعدو ڪيو آهي ته اهي پنهنجي مطالبن تان پوئتي نه هٽنديون.