حيدرآباد: سلينڊر ڌماڪي جو وڌيڪ هڪ زخمي ٻار فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي پريٽ آباد واري علائقي ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ ڪالهه رات دير سان فوت ٿي ويل معصوم ٻارڙي جو لاش  ڪراچي کان حيدرآباد آندو ويو،  جنهن جي جنازي نماز ادا ڪري مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي،  پريٽ آباد سانحي ۾ فوت ٿيندڙ وڌيڪ هڪ معصوم ٻارڙي جو لاش پهچڻ تي سوڳوار ٿيل علائقو وڌيڪ سوڳوار ٿي ويو، سانحي ۾ ٻارڙن سميت فوت ٿيلن جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي. 5 ورهين جي بلال پٽ عمر ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏنو، سانحي ۾ سڙي زخمي ٿيلن مان اڃا 3 ڄڻا ڪراچي جي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، 5 زخمي صحتياب ٿي ويا. ياد رهي ته 30 مئي تي پريٽ آباد ۾ سلينڊر جي دڪان ۾ ٿيل ڌماڪن بعد باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙن سميت 64 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا هئا. فوت ٿيندڙن جا لاش پهچڻ تي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پکڙيل رهيو آهي.

  1. لاڙڪاڻي ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب 5 ڄڻا زخمي

لاڙڪاڻو(س ر ) لاڙڪاڻي  رتوديرو شهر جي جلباڻي محلي ۾ گئس جو سلينڊر ڦاٽڻ سبب دڪان مالڪ فرحان جوڻيجو سميت 5 ڄڻا وسيم اوڍاڻو، اويس سومرو، بلاول نوناري ۽ عبدالعزيز سومرو سڙي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين ۽ سندن وارثن کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران سڙي زخمي ٿيل نوجوانن کي طبي امداد  فراهم ڪئي وئي. ان موقعي تي زخمي ٿيلن جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته رتوديرو شهر جي جلباڻي پاڙي ۾ نوجوان فرحان جوڻيجو ايل پي جي گئس جو دڪان آهي، جتي هو معمول موجب سلينڊر ۾ گئس ڀري رهيو هيو ته اوچتو سلينڊر ليڪ ٿي پيو ۽ ڀرسان پڪوان جي دڪان مان باھ جي چڻنگ لڳي جنهن سبب دڪان ۾ بيٺل 5 ئي نوجوانن کي باھه وڪوڙي وئي ۽ هو سڙي زخمي ٿي پيا آهن، جن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.