نريندر مودي ٽيون ڀيرو وزيراعظم جو عهدو سنڀالي رھيو آھي، پر هن ڀيري ڀارتيا جنتا پارٽي جي اڪثريت (240 ميمبرن) جي بنياد تي ناھي پر نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس جي (290) جي حمايت جي بنياد تي ،بلڪھ انھن ٻن جماعتن جي اڳواڻن آنڌرا پرديش جي چندرابابو نائيڊو (تيلگو ديشم پارٽي) ۽ بهار جي وڏي وزير مسٽر نتيش ڪمار (جنتا دل يونائيٽيڊ) جي 28 ميمبرن جي تقابل انحصار حمايت تي ٻڌل آهي.
2024 جي اليڪشن ڀارتيه جنتا پارٽي مودي جي گارنٽي جي بنياد تي چارسئو پار سيٽن جي ٽارگيٽ لاءِ وڙھي ھئي. هندستان جي وڏي گجراتي ڪارپوريٽ سيڪٽر (آڏواڻي، امباڻي)، پورو ھندوستاني اليڪٽرانڪ (گودي) ميڊيا اھم رياستي ادارا ۽ راشٽريا سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) لکين خدمتگارن جي ملڪ گير چونڊ مشينري جي مدد سان،ڊگھي مدي واري هلندڙ چونڊ مهم ۽ اينٽي مسلم، انٽي پاڪستان ۽ هندو قومپرست جي ايجنڊا جي نفرت ڀري مھم باوجود، ڀارتيه جنتا پارٽي 2019 جي چونڊ نتيجن ۾ (303 سيٽون) جي مقابلي ۾61 سيٽون ھارائي وئي.هن ڀيري علائقائي پارٽيون (اولهه بنگال جي ترنامل ڪانگريس، تامل ناڊو جي، ڊي ايم ڪي، مهاراشٽر ۾ اوڌي بالا ٺاڪريءَ جي شيو سينا ۽ جاتي واد جماعتن ۾ يوپي جي سماج وادي پارٽي ۽ مخالف ڌر جي ٻين پارٽين) بي جي پي، کي نڪ ڏاڍو ڏکيون پيون.
مخالف ڌي جي متحدھ محاذ(انڊيا) ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي جي اڳواڻي ۾مودي جي ٽيون ڀيرو پنھنجي ٻل تي چونڊجي اچڻ جي دعويٰ کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو. ياديوون ،دلتن،بنگالين .دراوڙن،ھاري جاٽن ۽ مسلمانن جي بلاڪ مٿين طبقي جي مذھبي نفرت واري ايجنڊا کي مڪمل نھ تھ بھ وڏي شڪست ڏني آهي، هن ڀيري جتي انڊياجا ووٽ ھر ھنڌ وڌيا تھ هندي بيلٽ ۾ ھر ھنڌ ھندوقومپرستي جا ووٽ 6 کان 11 سيڪڙو گھٽيا.
خود ڪانگريس جي پنھنجي ميمبرن جو تعداد ٻيڻ کان وڌي ڪري 99 تائين پهچي ويو ۽ ان جو اتحاد 235 سيٽون حاصل ڪري اخلاقي فتح حاصل ڪري ويو ۽ مودي جو، اين ڊي اي 290 جي اڪثريت حاصل ڪرڻ باوجود ھارايل لڳو، ڏهن سالن ۾ ٻن چونڊن ۾ بدترين شڪست کائڻ کان پوءِ، سيڪيولر قوتن اٽل ڄمي ڪري هندو قومپرستي جو مقابلو ڪيو. پر وسيع طبقاتي، مذهبي ۽ نسلي ورهاست واري ماحول ۾ جھڙي ريت راهول گانڌي، ممتا بنرجي، اڪليش ياديو، استالن ۽ کاٻي ڌر، محرومي طبقن، مسلمانن ۽ مظلوم طبقن جو دفاع ڪيو، جنھن ھندوقومپرستي جي طوفان کي في الوقت روڪي ڇڏيو آهي. هاڻي نئين اتحادي حڪومت ۾ بي جي پي پنهنجي هندوقومپرستي وراي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪامياب نه سگهندي ۽ مودي پنهنجي اتحادين جي رحم ڪرم تي هوندو.
ھندو قومپرستي جي شڪست جو اندازو ايوڌيا جي جنم ڀومي ۾ ڪري سگهجي ٿو، جتي تازو جنوري ۾ تعمير ٿيندڙ رام مندر جو عظيم الشان افتتاح ڪيو ويو ۽ جتي فيض آباد تڪ ۾ 80 سيڪڙو ووٽر هندو آهن، هڪ دلت اميدوار وڏي رام سيوڪ کي شڪست ڏني. جنتا رام جي بدران روٽي کي ووٽ ڏيڻ غنيمت سمجھيو. اتر هندستان يا هندو بيلٽ ۾ خاص طور تي،يوپي ۾ بي جي پي، جي شڪست مان ظاهر ٿيو ته هندوتوا جي بخار ۽ مسلم هندو ورڇ کان عام جنتا ناراض نظر اچي ٿي. هن ڀيري، نھ رام مندر ھليو، نه مسلمانن تي ٺٺوليون ۽ نه پاڪستان جي گلا جو ڪو فائدو ٿيو ۽ مودي پنهنجي وات خراب ڪندي خراب ئي رھجي ويو.
جڏهن ته اڌمئل ڪانگريس جي روح ۾ راهول گانڌي پنهنجي ننڍي عمر ۾ هندستان جي ڪندڪڙڇ ۾ ڀارت جوڙو.(ھندوستان کي ملائڻ يا ڳنڍڻ)واري ياترا ھلائي ڪري ۽ چونڊ مهم ۾ فرقيواريت مخالف آئيني، سيڪيولر ۽ غريب نواز سوشل لبرل ايجنڊا کي زندهه ڪري ڇڏيو. . راهول ،آڏواڻي مودي ڳٺ جوڙ کي وائکو ڪرڻ ۽ طبقاتي وڇوٽي کي ختم ڪرڻ.جيڪو ترقي پسند سماجي ايجنڊا ڏني،ان کي وڏي پيماني تي موٽ ملي. پر بي جي پي، جنھن جو ڏکڻ ۾ ڪڏهن به کاتو نه کليو هو، شڪست جي باوجود پنهنجي ووٽن کي وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي. چونڊ مهم جي پڄاڻيءَ تي، جيڪي ايگزٽ پولز آيا،اھي سڀ جا سڀ بي جي پي، جي سازباز سان چارسو پار سان جيت جي خبر ڏئي رھيا ھئا.جنھن جپ ڀانڊو ھڪ سياسي ڪارڪن ۽ چونڊ جائزن جي ھڪ پراڻي ماھر يوگبدرياديو اھڙو ڦاڙيو جو سمورو مين اسٽريم ميڊيا بري طرح سان اگھاڙو ٿي ويو.
هندستان ۾ 33 سالن تائين ڪانگريس جي حڪومت رھي آھي، پوءِ 25 سال اتحادي حڪومتن جو دور رهيو، جنهن ۾ ترقي ٿي ۽ پاڪستان سميت پاڙيسري ملڪن سان به لاڳاپا بهتر ٿيا ۽ گذريل ڏهن سالن ۾ مودي جي راڄڌاني رهي، جنهن ۾ 2019ع جي چونڊ پلواما جا ڊراما ۽ پاڪستان سان سرحدي تڪرار کي ھوا ڏيڻ سان کٽي وئي.هن ڀيري هندوقومپرست ۽ مودي جو ڪو به پاپولر پتو ڪنھن ڪم نھ آيو. هاڻي وڏو سوال اهو آهي ته ڇا اين ڊي اي ،جي اتحادي حڪومت سرڪار ھلائي سگهندي يا وري مودي گڏيل محاذ جي ڀائيوارن جي نون نون مطالبن ۽ اتحادي اڳواڻن جيا نخرا کڻي سگهندو. عام خيال آھي تھ مودي متحده محاذ جو لچڪدار اڳواڻ ناهي ۽ هن جي شخصي جادو جواثر ٽٽي چڪو آهي.
بلڪه ٿيو اھو آھي تھ هندستان هڪ هندو راشٽرا بڻجڻ کان بچي ويو آهي، جيتوڻيڪ سيڪيولر طاقتون اڃا بھ هندو اڪثريت جي دٻاءَ ۾ آهن. پر وڏي اڪثريت وارو هندستان هڪ رخي، هڪ مذهبي ۽ هڪ قوم نٿو ٿي سگهي، جنهن کي هندستان جي ماڻهن جي وڏي اڪثريت، هندن جي بھ خاصي اڪثريت، جيڪا اندروني طور تي ذات پات ۽ علائقائي بنيادن تي ورهايل آهن، سا بھ قبول نٿي ڪري سگهي.ھاڻي ھڪ واضح سيڪيولر ،جمھوري وفاقي ۽ عوامي (غريب نواز) بيانيئي ۽ ايجنڊا جي ضرورت آهي، جنهن جا امڪان هنن چونڊن کان پوءِ وڌي ويا آهن. مودي جو سج لھي رهيو آهي ۽ جنهن کي هندو پريوار اڳيان آڻيندو ان ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، پر مودي پنهنجو مدو پورو ڪندي نظر نٿو اچي.
هندستان اڃا تائين دنيا جي پنجين وڏي معيشت آهي، جيتوڻيڪ اھو هڪ تمام غريب ملڪ آهي جنهن جي في فرد آمدني ($2,500) ڏکڻ ڪوريا کان ٻارھن ڀيرا ($35,000) گهٽ آهي. 80 ڪروڙ ماڻهن کي بک کان بچڻ لاءِ راشن جي ضرورت آهي ۽ ھر سال ڪروڙين نوڪريون بھ کپن. جنھن سطح ۽جنھن طرح جي علائقائي ۽ طبقاتي ورڇ ھندوستان ۾ آھي.ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هندستان کي هڪ جارحاڻي پاڙيسري جي بدران دوستاڻي پاڙيسري جي ضرورت پوندي. ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي، جتي هن ڀيري رڪارڊ ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن، پر بي جي پي ڪشمير وادي جي ٽن سيٽن تي پنهنجو اميدوار بيهاري نه سگهي ۽ ٻئي اڳوڻا وڏا وزير به شڪست کائي وياآھن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ باهمي تعاون جو رستو اختيار ڪن ۽ بهتر مستقبل لاءِ رستو ڳولين. ڪمزور مودي کي وزيراعظم چونڊجڻ تي زيتون جي شاخ موڪلڻ جو تحفو. موقعي جي مناسبت سان بھتر هوندو.
هندستان کي هڪ جارحاڻي پاڙيسري جي بدران دوستاڻي پاڙيسري جي ضرورت پوندي. ڪشمير ۾ آرٽيڪل 370 جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي، جتي هن ڀيري رڪارڊ ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن، پر بي جي پي ڪشمير وادي جي ٽن سيٽن تي پنهنجو اميدوار بيهاري نه سگهي ۽ ٻئي اڳوڻا وڏا وزير به شڪست کائي وياآھن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻئي پاڙيسري ملڪ باهمي تعاون جو رستو اختيار ڪن ۽ بهتر مستقبل لاءِ رستو ڳولين. ڪمزور مودي کي وزيراعظم چونڊجڻ تي زيتون جي شاخ موڪلڻ جو تحفو. موقعي جي مناسبت سان بھتر هوندو.