اسان جو معاشرو ۽ سنڌي عورت

تحرير: زينت احمد

عام طور تي ماڻھو ايئن سمجهندا آھن ۽ چوندا آھن ته دولت، ملڪيت، وڏين گاڏين ۽ بنگلن وارا ڪامياب ماڻھو آھن، پر الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو ته: ”ڪامياب ٿي ويا ايمان وارا“

جيئن ته مان مٿي قرآن پاڪ جي هڪ آيت جو حوالو ڏنو اٿم جنھن ۾ الله پاڪ ايمان وارن انسانن کي ڪامياب انسان ڪوٺيو آھي ۽ انسان جي خالق يعني انسان کي پيدا ڪندڙ عورت آھي تڏهن ته اسان جو آخري پيغمبر حضرت محمد صلي الله وسلم جن پنھنجي نياڻيءَ بيبي فاطمه رضي الله عنه جي احترام ۾ اٿي بيھندا هئا، جيڪا هڪ عورت هئي ۽ اهو هڪ  پيغام هئو جيڪو آخري پيغمبر اسان انسانن کي ڏنو ۽ عورت جي مقام کي ظاهر ڪيو.

هي معاشرو انسان جوڙيندا آھن ۽ انسانن جي تخليقڪار عورت آھي. دنيا جي عورت ته اسان کان تمام گهڻو اڳتي نڪري وئي آھي مان هتي سنڌي عورت تي ڳالھائينديس ته اسان جي سنڌي عورت هن جديد دور ۾ ڪھڙن حالتن مان گذري رهي آھي.

عورت دنيا جي اها عظيم هستي آهي جنھن مردن کي جنم ڏنو اهو سوال ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته پھرين ڪير پيدا ٿيو ڏاڏيءَ حوا يا ڏاڏو آدم  پر اسان ان بحث ۾ نه پوندا سين  اسان اڄ جي دور جي سنڌي عورت جو ذڪر ڪنداسين ته اسان جي معاشري ۾ عورت کي ڪھڙا حق ڏنا ويا آهن ۽  ڪھڙا کسيا آهن.

معاشرو ايترو ته ايڊوانس ٿي ويو آهي جو ڪنھن به اڪيلي عورت جي چوڻ ۾ ناهي هڪ عام رواجي عورت جيڪا مرد جي غير موجودگي توڙي موجودگيءَ ۾ گهر سنڀالي ٿي ٻار پالي ۽ سنڀالي ٿي ، سنڌي عورتون گهر جي ڪم سان گڏ زراعت جو پڻ سمورو ڪم مردن سان گڏجي ڪن ٿيو ۽ ٿورڙي تعداد ۾ نوڪريون ڪري گهر جا خرچ پڻ پورا ڪن ٿيون مرد عورت کي خرچ پکو ڏئي پنھنجي ڪم سان نڪري وڃي ٿو. سڄو ڏينھن اها عورت ڪيئن سڀ معاملا سنڀالي ٿي هو پنھنجي گهر جي چوڪيداري کان ويندي گهر جي بورچياڻي به آھي ته ڌوٻياڻي به آهي ٻارن جي خوشي لاءِ انھن جي هر ضرور ت جو خيال رکندڙ پڻ آهي.

ڪٿي عورت پنھنجي گهر جي حڪمران آھي ته ڪٿي گهر ۾ قيدياڻي هوندي آهي، جڏهن عورت کي بنا سبب ڪنھن ڳالھه تي ٽوڪيو وڃي يا روڪيو وڃي ٿو ته ان ڳالھه تي جيڪڏهن ڪا عورت ان عمل جي مذمت ڪري ٿي ته مٿس الزام لڳائي ان عورت کان جيئڻ جو حق به کسيو وڃي ٿو ۽ پوءِ  هن تي ڪاري جو الزام مڙھي کڏ کڻي کيس دفن ڪيو وڃي ٿو ۽ سرداري نظام تحت فيصلو ڪري غيرت جو نالو ڏئي قاتل آزاد ٿي وڃن ٿا جنھن جي ڪري اسان جو جو معاشرو ترقي بجاءِ زوال پزير ٿيندو ٿو وڃي.

ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄوڪي عورت ڪافي آزاد آھي پر اها آزادي به مصنوعي آھي مطلب عورت اڄ به زنجيرن ۾ جڪڙيل آھي اسان جا مرد جلوسن ۾ ته آزادي آزادي جا نعرا هڻندا رهن ٿا پر هو پنھنجي گهرن ۾ ئي پنھنجن عورتن کي غلام بڻايون ويٺا آھن.

عورت هن ڪائنات جي سڀ کان مٿاھين ۽ خوبصورت مخلوق آھي دنيا جو ڪو به شاعر عورت جي سونھن تي لکڻ کان بچي نه سگهيو آھي، اسان شاه جو رسالو پڙھنداسين ته اسان کي عورت جي مقام جي خبر پوندي ته عورت جو ڇا مقام آھي.

ان هوندي به افسوس سام لکڻو پوي ٿو ته اسان جو لکيل پڙھيل لکيل طبقو به عورت کي پنھنجي اخلاقي، اسلامي توڙي انساني حقن ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آھي عورت جا حق صرف ڳالھين جي حد تائين آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.