اچو ته رسول بخش پليجي جي آدرشي نظام لاءِ جاکوڙيون

اڄ محترم رسول بخش پليجو جي ورسي آهي. پاڻ اڄ جي تاريخ تي سال 2018 تي جسماني طور اسان کان وڇڙي ويا هيا. رسول بخش پليجي صاحب جي تاريخ ساز شخصيت جا ڪيترائي وڏا ۽ فخر جوڳا حوالا آهن جن کي صرف ياد ڪرڻ جي نه پر انهن حوالن کي آدرش بڻائي انهن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن رسول بخش پليجو صاحب جي نظريي ۽ آدرشن تي عمل ڪري ڏيکارجي يا عمل ڪرڻ جو وچن ڪجي، سندس فڪري رستي تي هلجي ته ان کان وڏو سندس لاءِ يعني پليجو صاحب لاءِ ڪو خراج نه هوندو.

اها سنڌ ۽ سنڌي عوام جي خوش نصيبي آهي جو رسول بخش پليجي صاحب جو سياسي، سماجي، تاريخي، ادبي، سائنسي ۽ انقلابي شعور جيڪو هن سڄي ڄمار عوام اندر پکڙيو، سياست ۾ سنڌي عورتن کي وڏي انگ ۾ نمائندگي ڏني تنهن فڪر ۽ نظريي تي ٻڌل پنهنجي سياسي جماعت به عوامي تحريڪ جي نالي ۾ پنهنجي زندگي ۾ ٺاهي ۽ هلائي ڏيکاري. ان تحريڪ لاءِ هن نه رڳو پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪئي پر پنهنجي سياسي جماعت ۽ لکيل ڪتابن جي شڪل ۾ پنهنجو فڪر ۽ پنهنجي تحريڪ کي هميشه هميشه لاءِ زنده ڇڏي ويو آهي.

اهڙين شخصيتن جون ورسيون نه پر زندگيون ملهايون وينديون آهن ۽ هاڻي ائين ئي ٿي رهيو آهي. اڄ سائين رسول بخش پليجي جي ورسي جي موقعي تي جيڪي جلسا ۽ پروگرام ٿي رهيا آهن سي ان روح وٽان ئي ٿي رهيا آهن جن ۾ رسول بخش پليجي صاحب جي شخصيت، سندس ڪردار، فڪر ۽ ڏنل قربانين تي ڳالهايو ويندو آهي ۽ سندس فڪر کي نقش قدم بڻائي هلائڻ جو هر سال وانگر وڏي واڪي وچن ڪيو ويندو ان کي ئي ته سائين پليجي صاحب جي زندگي ملهائڻ چئبو، جنهن مان مراد ان مان سکڻ هوندو آهي ۽ ان جي مشن کي کڻي هلڻ هوندو آهي. رسول بخش پليجي جي نقش قدم تي هلڻ ۾ ئي سنڌ دوستي ۽ عوام دوستي آهي، سياسي، سماجي، ادبي، تاريخي، سائنسي، نظرياتي، فيمينزم، پاڻي ڪيس جو شعور آهي جنهن جي وقت گذرڻ سان اڃان وڌيڪ ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

سائين رسول بخش پليجي جي اسڪول آف ٿاٽ جون سياسي جماعتون، اڳواڻ، ڪارڪرن ۽ باشعور عوام بي شڪ اهو ئي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ کين اهو ئي ڪم ڪرڻو پوندو، ان کي ئي سائين رسول بخش پليجو جي زندگي ملهائڻ چئبو. انسان جي طبعي عمر ته ظاهر آهي ته محدود آهي. موت اڻ ٽر آهي پر پنهنجي زندگي کي اهڙو ملهائجي جو اها ٻين لاءِ آدرش ۽ سبق بڻجي وڃي سا غير معمولي ڳالهه آهي. رسول بخش پليجي صاحب اهڙي ئي زندگي گذاري ۽ پاڻ کي هميشه هميشه لاءِ امر بڻائي ويو آهي. هن سڄي ڄمار سياسي نظرين آدرشن، ملڪي ۽ دنيا کي مسئلن ۽ ان جي حل تي ڳالهايو، لکيو، ليڪچر ڏنائين ۽ عملي طور ان ڏس ۾ سڄي ڄمار نه رڳو جاکوڙيائين پر پنهنجي ثابت قدمي وگهي کيس اسيريون به ڀوڳڻيون پيون. اسان لاءِ اها خوشي ۽ اطمينان جي ڳالهه آهي ته رسول بخش پليجي صاحب جا پوئلڳ سندس فڪري مشن کي سنڀالڻ جي جستجو ۾ ساڳي شدت سان قائم آهن جنهن جو مجموعي طور تي فائدو سنڌ کي ئي رسڻو آهي.

  • بلاول ڀٽو زرداري جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي مايوسي ۽ ڪاوڙ درست آهي

ڪجهه ڏينهن اڳ اسان هڪ ايڊيٽوريل ۾ لکيو هو ته ”ڇا گڊ گورننس به حڪومتن جي ترجيح ناهي.“ ٽيون ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پ پ سنڌ جي پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندي جيڪو ڪجهه ڳالهايو هو سو پڻ ڄڻ ”گڊ گورننس“ جي موضوع تي هو. رپورٽن موجب بلاول ڀٽو زرداري چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي مان خوش نه هو. سندن ڪارڪردگي کي سُست قرار ڏنو ويو. وزيرن جي ڪارڪردگي تي نظر رکڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهڙو ڪم ڪيو جيڪو نظر به اچي. هن 5 سالن جو روڊ ميپ پڻ وڏي وزير جي حوالي ڪيو. کيس هر جاءِ تي سٺا آفيسر لڳائڻ جو چيو جيئن ڪارڪردگي ۽ ڊليوري بهتر ٿئي. هن ڇهن مهينن اندر ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ، عوام سان رابطي ۾ رهڻ، کليل ڪچهريون ڪرڻ تي زور ڏنو.

اسان سمجهون ٿا ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پارلياماني پارٽي اجلاس ۾ چونڊيل نمائندن کي جيڪو ڪجهه چيو سو عوام جو ۽ ميڊيا جو آواز آهي. عام راءِ به پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن لاءِ اها ئي آهي. ان لحاظ کان بلاول ڄڻ ته عوام جي ڪاوڙ ۽ مايوسي جي ترجماني ڪئي آهي. پر انهيءَ مايوس ۽ سست ڪارڪردگي جي آخري زميواري پ پ جي قيادت جي آهي ته اها گڊ گورننس ڇو نه ڏيکاري سگهي آهي. پر جيڪڏهن هاڻي به پ پ جي سربراهه کي اهو احساس ٿيو آهي ته سندس حڪومت جي اها ڪارڪردگي ناهي جيڪا هئڻ گهرجي ته ان کي به اسان دير آيد درست آيد عمل سمجهون ٿا.

پ پ جي سنڌ حڪومت جي سٺي ڪارڪردگي ۾ اسان جي دلچسپي جو بنيادي سبب اهو به آهي ته هيءَ سنڌ جي حڪومت آهي ۽ ان کي سنڌي عوام اڪثريتي طور ووٽ ڏنو آهي. تنهن ڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بهتري هن حڪومت جي اولين فرض آهي ۽ ان فرض جي ادائيگي ڏانهن اسان هر دور حڪومت جو ڌيان ڇڪائيندا رهيا آهيون. اهو سٺو ٿيو جو هاڻي بلاول ڀٽو زرداريءَ به اهڙي نشاندهي ڪئي آهي ۽ ڇهن مهينن اندر بهتر ڪارڪردگي جو کين ٽارگيٽ ڏنو آهي.

اسان جو خيال آهي ته پ پ جي حڪومت جي گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ لاءِ بلاول  ڀٽو زرداري کي سنڌ حڪومت جي ڪابينا تي سخت نظر رکڻي پوندي ۽ وڏي وزير ذريعي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ذاتي دلچسپي وٺڻي پوندي ۽ عملي طور ڪجهه ڪري ڏيکارڻو پوندو. هن وقت سڀ کان سٺي وزير اعليٰ مريم نواز نظر اچي رهي آهي. سيد مراد علي شاهه کي به ائين ئي مريم نواز وانگر متحرڪ نظر اچڻ گهرجي. سنڌ حڪومت کي پهرين فرصت ۾ ان کي سنڌ جي امن امان جي صورت حال کي بهتر ڪرڻو پوندو، هلندڙ ترقياتي ڪم فوري طور تي مڪمل ڪرڻا پوندا، مهانگائي گهٽائڻ جا انتظام ڪرڻا پوندا، آئين، قانون ۽ انصاف کي بالادست رکڻو پوندو، پوليس جي غنڊاگردي ۽ عام ماڻهن کي پريشان ڪرڻ واري پاليسي ختم ڪرڻي پوندي. اسپتالن اندر انتظامي صورتحال بهتر ڪرڻي پوندي، عوامي مسئلا عوامي حڪومت هئڻ ناتي ترت حل ڪرڻا پوندا. اسيمبلي اندر جيڪا به قانون سازي ٿئي بل پاس ٿين تن تي فوري طور عمل ڪرڻ گهرجي سنڌ جي آبپاشي نظام کي انگريز دور وانگر جديد تر بڻائڻ گهرجي. صنعتي ڄار وڇائي روزگار مُهيا ڪيو وڃي، سنڌ جي تعليم کي ايمرجنسي جي بنياد تي بهتر ڪيو وڃي.

موجوده حڪومت جيئن صحت جي سيڪٽر ۽ ٽرانسپورٽ ۾ بهتر ڪم ڪيو آهي ته ان جي واکاڻ ٿئي ٿي ائين حڪومت کي مجموعي طور تي گڊ گورننس ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ان معاملي ۾ تڏهن بهتري ايندي جڏهن پ پ جي اعليٰ قيادت متحرڪ هوندي. سو اميد آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جيڪا هاڻي اک پٽي آهي سا مستقل بنياد تي پٽيل رکندو ۽ ائين گڊ گورننس ڏانهن پيش قدمي ڪري ڏيکاريندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.