عمران خان جيڪڏھن في الحال فقط ٻه ڪم ڪري ته سندس ۽ سندس پارٽي لاءِ گهڻو ڪجهه بدلجي سگهي ٿو، گذريل ھڪ ڏيڍ سال جون سختيون ختم ٿي سگهن ٿيون. هڪ ته هن کي خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي، يا وري جڏهن ڳالهائي تھ سوچي سمجهي ڳالهائي، نه ڪھ ڪاوڙ ۾، نھ ئي وري چڙ ڏياري يا سُس پُس ڪري. ٻيو ته خان صاحب کي پنهنجي پارٽي جي سوشل ميڊيا، جنهن کي هو پنهنجو سني کان وڏو هٿيار سمجهي ٿو، ان کي خطرناڪ پروپيگنڊا پکيڙڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، نفرت پکيڙڻ، الزام هڻڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو.ڇا خان صاحب اهي ٻئي ڪم ڪري سگهي ٿو ؟
مون کي اھڙي ڪا گهڻي اميد نه آهي ۽ ان ڪري مون کي، خان صاحب ۽ تحريڪ انصاف لاءِ مسئلا گهٽجندي نظر نٿا اچن. جيڪو خان صاحب ۽ سندس سوشل ميڊيا ڇا ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اها پاليسي جاري رهي ٿي تھ، سوچڻ ۽ سمجهڻ جي اھا ڳالهه آهي ته ان جو باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ انصاف کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ هن جي توپن جو نشانو خاص ڪري موجوده آرمي چيف آهي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا خان صاحب ۽ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا پنهنجن بيانن ۽ پروپيگنڊا ذريعي ملڪ ۾ اهو ”انقلاب“ آڻي سگهندا، جنهن جي ھنن 9 مئي تي ڪوشش ڪئي وئي؟ جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته اهڙو ”انقلاب“ اڃا به ممڪن آهي ته پوءِ اهو سوچڻ گهرجي تھ اهڙي انقلاب جي نتيجي ۾ ڇا ملڪ کي وڳوڙ ۽ گھروويڙھ وٺي يا هتي ملڪ ۾ ڪوسياسي استحڪام ايندو؟
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان اڄ به ملڪ جو مقبول ترين اڳواڻ آهي. ان ۾ بھ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان جيڪا مرضي پئي ٿي ڪري ٿو يا جيڪا مرضي پئي ٿي چئي ٿو، ھن جي خلاف ڪو به اسڪينڊل يا ڪيس سامھون اچي وڃي سندس ووٽرن ۽ حامين تي ڪو به اثر نٿوو پئي.
خان صاحب جي پوئلڳن جو مثال اھڙن انڌن تقليد ڪندڙن جو آهي، جن جو سندن مخالفن ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪوبھ توڙ نھ آھي. اھو به درست آهي ته حڪومت ۾ شامل مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ ٻيون سياسي جماعتون ڪڏهن به نه چاهينديون ته تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ معاملا ٺيڪ ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين ٿيندو ته موجوده حڪمرانن جي اقتدار ۽ انهن جي سياست کي نقصان پھچي سگھي ٿو.
ان ۾ ٻھ رايا ناھن تھ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا پاران، فوج ۽ آرمي چيف کي نشانو بڻائڻ ۽ انهن خلاف زهريلي پروپئگنڊا ڦهلائڻ سبب جيڪڏھن ھڪ طرف عمران خان ۽ پي ٽي آءِ،ِ جي سياست سخت مشڪلاتن جو شڪار رھندي تھ ٻئي پاسي فوج بابت ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي جماعت ۾ منفي راءِ جو جڙڻ يا موجود ھجڻ،نھ فوج جي اداري لاءِ سٺي ڳالھھ آهي ۽ نه ئي وري پاڪستان لاءِ سٺي ڳالھھ آھي.
اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي حوال ”آج “ ٽي وي چئنلز تي ھڪ بيان هلي رهيو هو، جنهن ۾ هن جو چوڻ ھو ته نفرت کي ختم ڪيو وڃي ۽ معافي تلافي جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي.ھن فوج يا اسٽيبلشمينٽ جو نالو وٺڻ کانسواءِ،اهو به چيو ته تحريڪ انصاف جون ڳالهيون رڳو حقيقي اسٽيڪ هولڊرز (يعني فوج) سان ٿي سگهن ٿيون.
ڊاڪٽر عارف علوي جيڪي ڳالھيون ڪيون، ڇا عمران خان ۽ پي ٽي آءِ،جي سوشل ميڊيا ان تي عمل ڪندا ؟ جيڪڏهن ائين ٿي ٿو ته هتي گهڻو ڪجهه بدلجي ويندو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي سياست ۽ فوج خلاف نفرت پيدا ڪرڻ ۾ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي سوشل ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي.هاڻي جيڪڏهن ان نفرت کي ختم ڪرڻو آهي ته ان سلسي ۾عمران خان ۽ پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا کي پھريون قدم کڻڻو پوندو.
جيڪڏهن اهي پنهنجو رويو تبديل ڪن ۽ فوج مخالف پروپيگنڊا بند ڪن، پنھنجي سياسي مخالفن ۽ تحريڪ انصاف ۽ عمران خان جي راءِ سان اختلاف ڪندڙن خلاف گارين،ڪوڙن الزامن بھتانن کان پاسو ڪن ته پوءِ نه رڳو سياسي مخالفن جي وچ ۾ ڳالهين جا رستا کلي ويندا. پر اسٽيبلشمينٽ تي ان ڳالھھ جو دٻاءُ وڌندو ته اھا بھ هڪ قدم پوئتي هٽي ۽ تحريڪ انصاف بابت معافي تلافي واري پاليسي اختيار ڪري.
عمران خان جيڪڏھن في الحال فقط ٻه ڪم ڪري ته سندس ۽ سندس پارٽي لاءِ گهڻو ڪجهه بدلجي سگهي ٿو، گذريل ھڪ ڏيڍ سال جون سختيون ختم ٿي سگهن ٿيون. هڪ ته هن کي خاموشي اختيار ڪرڻي پوندي، يا وري جڏهن ڳالهائي تھ سوچي سمجهي ڳالهائي، نه ڪھ ڪاوڙ ۾، نھ ئي وري چڙ ڏياري يا سُس پُس ڪري. ٻيو ته خان صاحب کي پنهنجي پارٽي جي سوشل ميڊيا، جنهن کي هو پنهنجو سني کان وڏو هٿيار سمجهي ٿو، ان کي خطرناڪ پروپيگنڊا پکيڙڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، نفرت پکيڙڻ، الزام هڻڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو.ڇا خان صاحب اهي ٻئي ڪم ڪري سگهي ٿو؟ مون کي اھڙي ڪا گهڻي اميد نه آهي ۽ ان ڪري مون کي، خان صاحب ۽ تحريڪ انصاف لاءِ مسئلا گهٽجندي نظر نٿا اچن.