ھندوستاني مينڊيٽ سان  اتحادين جو محتاج بڻيل مودي

تحرير: مبصر

ھندوستان جي چونڊ نتيجن گھڻن ئي ماھرن کي حيران ڪري ڇڏيو،پر سياست جي نبض تي ھٿ رکندڙ ماھرن جو چوڻ آھي تھ ڪجھھ وقت کان اھو چٽو ٿي ويو ھو تھ حڪمران جماعت ۽ ان جي اتحادين کي ڪا وڏي ڪاميابي نھ ملندي، ان جو ھڪڙو سبب مودي جي اھا نفرت ڀري ٻولي ھئي،جيڪا ھن چونڊ مھم وقت استعمال ڪئي ھئي.

نريندر مودي پنھنجي مدي ۾ نفرت،لساني ۽ مذھبي متڀيد کي ھٿي ڏني،جنھن ڪري سماج ۾ ھن خلاف نفرت وڌي، ملڪ جي حقيقي مسئلن جھڙوڪ بيروزگاري،مھانگائي ڏانھن گھربل ڌيان نھ ڏنو ويو ۽  نوجوانن جي داخل ٿيل نون ووٽرن جي راءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو،جنھن سان نريندر مودي جو دماغ ٿڌو ٿيو ھوندو.

ھندوستان پنھنجي 73  سالن جي چونڊ  تاريخ ۾ 32 سالن تائين اتحادي حڪومتون ڏٺيون آهن ۽ ڏهن سالن کانپوءِ وري اتحادي حڪومت جو دور واپس اچي ويو آهي. پر اهڙي حڪومت ۾ وزارتن جي ورڇ ۽ پاليسين جي حوالي سان ڪافي پيچيدگيون ٿينديون آهن.

دنيا جي سڀ کان وڏي جمھوريت سمجھي ويندڙ ووٽرن واري ھن ملڪ ۾ رڳو ووٽ وجھڻ جو وقت بھ 6 ھفتا ھليو،جيڪا ھڪ اجائي پريڪٽس ھئي.سرڪاري نتيجن موجب بي جي پي،اڪيلي سر ڪل 240 سيٽون کڻي پھرين نمبر تي آئي آھي ۽ انڊين نيشنل ڪانگريس اڪيلي سر 99 سيٽون کڻي ٻئي نمبر تي آئي آھي.ٽئين نمبر تي ايندڙ سماج وادي جماعت ڪل 37 سيٽون حاصل ڪيون آھن.اھڙي ريت بي جي پي، جي قيادت واري اتحاد ڪل 295 سيٽون کٽيون،جڏھن تھ ڪانگريس جي اڳواڻي واري اتحاد کي 231سيٽون مليون آھن. جنھن جو مطلب آھي تھ ڀارتيا جنتا پارٽي کي اتحادين سان گڏجي حڪومت جوڙڻي پوندي،جڏھن تھ ھن ڀيري ھڪ سگھاري اپوزيشن کي منھن ڏيڻو پوندو.گڏيل حڪومت ڪمزورپوزيشن ۾ ھئڻ ڪري اھا پنھنجا ڪافي جاري ڪم ڏکيائي سان مڪمل ڪري سگھندي.ان جي مقابلي ۾اپوزيشن حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيندي.

ھندوستان ۾حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنھن بھ جماعت وٽ سيٽن جو تعداد پورو نھ آھي.جنھن لاءِ لوڪ سڀا جون گھٽ ۾ گھٽ 272 سيٽون حاصل ڪرڻ لازمي شرط ھوندو آھي.   ھندوڏند ڪٿا جي فڪر جي پوئواري ڪندڙ پاڻ کي آسمان مان خلقيل ھستي قرار ڏيندڙ نريندر مودي جي اڳواڻي ۾ هندو قومپرست جماعت  ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جڏھن رڳو 240 سيٽون حاصل ڪري سگھي آھي. تڏھن  سرڪشي جي خمار ۾ ورتل مودي کي  هاڻي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي اتحادين وٽ جھڪڻو پوندو.

بي جي پي چونڊن ۾ اتحاد لاءِ ٽن درجن کان وڌيڪ پارٽين کي شامل ڪيو هو، پر اتحادي حڪومت جوڙڻ لاءِ ھن کي  چندربابو نائيڊو جي علائقائي جماعت ” تيلگو ديشم پارٽي“ ۽ نتيش ڪمار جي ”جنتا دل يونائيٽيڊ پارٽي“ جي حمايت جي ضرورت پوندي. انهن ٻنهي کي ترتيب وار 16 ۽ 12 سيٽون مليون آهن ۽ مرڪز ۾ حڪومت ٺاھڻ لاءِ انهن جي حمايت  گھڻي  اهم آهي.  ان کان سواءِ ٻيون اتحادي پارٽيون، جهڙوڪ  چراغ پاسوان جي جان شڪتي ۽ پنجاب ۾ اڪالي دل تمام ننڍيون آهن،جيڪي صرف چار کان پنج سيٽون کٽي سگھيون آھن. بي جي پي ، جي اتحادي جماعتن جا اڳواڻ  چونڊ نتيجن کان  پوءِ حڪومت  سازي لاءِ ميل ملاقاتون ڪري رھيا آھن، وزارتن ۽ ڪابينا جي عهدن جي ورڇ  بابت خيالن جي ڏي وٺ  بھ ٿي رھي آهي.

ٻئي طرف ڪانگريس اڳواڻي ۾ جڙيل اتحاد ”انڊيا“ ۾ شامل  پارٽين جا اڳواڻ به مشاورت لاءِ دهلي ۾ گڏ ٿي رھيا آهن. انديا اتحاد پڻ حڪومت سازي جي سمورن پھلوئن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ممڪن هوندو  ته اھا بھ ان ڏس ۾ اڳڀري ٿيندي.

سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته هندستان جي سياسي تاريخ کي نظر ۾ رکندي هن وقت ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ  درست نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته بي جي پي،جن ٻن وڏن  اتحادين تي ڀروسو ڪيو آهي، جيڪي اپوزيشن ڪانگريس سان اتحاد ڪري چڪا آهن. جيتوڻيڪ نريندر مودي ٽيون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ لاءِ تيار آهي ۽ سندس اتحادي پارٽيون به سندس حمايت ۾ آهن. رپورٽن مطابق هو 8 جون تي وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻندو.

اڳوڻي هندستاني وزير اعظم اٽل بهاري واجپائي پنهنجي اتحادي حڪومت دوران ” گڏيل ڌرم“ جو ھڪ نئون اصطلاح ايجاد ڪيو هو ۽ هاڻي سندس سياسي وارث نريندر مودي کي ٽيون ڀيرو حڪومت ٺاهڻ وقت انھيءَ گڏيل ڌر م،واري اصول تي عمل ڪرڻو پوندو.

2014  کان اڳ، هندستاني عوام اٽڪل ٽن ڏهاڪن تائين هڪ پارٽي جي اڪثريت جي بدران  ورھايل مينڊيٽ ڏنندو رھيو هو،جنھن ڪري ھر ڀيري  اتحادي حڪومت  روايت بڻجي وئي ھئي. 1980 ۽ 1990 ۽ ھلندڙ  صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ ڪنهن به پارٽيءَ کي لوڪ سڀا ۾ اڪثريت حاصل نه ٿي هئي. بهرحال، 2014 ۾، هندو قومپرست بي جي پي واضح اڪثريت حاصل ڪئي ۽ نريندر مودي دهلي ۾ اقتدار ۾ آيو،جنھن سان  اتحادي حڪومت جو درو ختم ٿيو ھو.

جيتوڻيڪ 2019 ۾، بي جي پي 303 سيٽون حاصل ڪيون ۽ بي جي پي کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي اتحادين جو محتاج ٿيڻو پيو ھو. نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس (اين ڊي اي) مودي حڪومت جو حصو رهي، پر ان وقت، بي جي پي کي پنهنجي ڀائيوارن کي مطمئن ڪرڻ جي ضرورت نه پئي هئي.

1951ع ۾ هندستان ۾ پهرين چونڊن کان وٺي 73 سالن جي چونڊ تاريخ م اٽڪل  32 سالن ۾ تائين اتحادي حڪومتون ۽ 32 سال  پواضح اڪثريت واريون  حڪومتون رهيون آهن. ان ۾ وزيراعظم نريندر مودي جا 10 سال به شامل آهن.

بي جي پي سڀ کان وڏي پارٽي طور اڀري آئي آهي، پر اها پنهنجي طاقت جي ٻل  تي 272 جو جادوگري نمبر حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. مرڪز ۾ حڪومت هلائڻ لاءِ ان کي NDA ۾ شامل علائقائي پارٽين تي ڀاڙڻو پوندو. هي پهريون ڀيرو ٿيندو جيڪو نريندر مودي هڪ اتحادي حڪومت جي اڳواڻي ڪندو، گجرات جي وڏي وزير کان وٺي وزير اعظم جي عهدي تي فائز ٿيڻ تائين  اتحادي حڪومت  هلائڻ هڪ مشڪل ڪم آهي، جنهن ۾ توازن جو اهم ڪردار آهي.

اٽل بهاري واجپائي اتحادي حڪومت هلائڻ لاءِ مثالي اڳواڻ سمجهيو ويندو ھو، جنهن شعلا بيان سياستدان ممتا بنرجي کي چڱيءَ طرح سنڀالڻ جو ڪم ڪيو ھو. پر ان کان پوءِ ڪانگريس پارٽي به 2004ع کان 2009ع تائين ۽ وري 2009ع کان 2014ع تائين وزيراعظم من موهن سنگهه جي اڳواڻي ۾ يو پي اي، جي اتحادي حڪومتون بھتر انداز ۾ هلايون ھيون.ھاڻي اھو بار ان نريندر مودي مٿان پيو آھي جيڪو ھن لاءِ ڪنھن امتحان کان گھٽ نھ ھوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.