نيب ترميمون رد ٿيون ته نقصان عمران جو ٿيندو، مسئلا پارليامينٽ ۾ حل ڪيو

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي انٽرا ڪورٽ اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف حڪومتي اپيلن تي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئچ ڪئي،  جسٽس امين الدين، جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي بئنچ ۾ شامل آهن. چيف جسٽس چيو ڇا توهان فيصلي کي سپورٽ ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو مان جسٽس منصور علي شاهه جي نوٽ کي سپورٽ ڪري رهيو آهيان. چيف جسٽس پڇيو ڇا توهان مخدوم علي خان جا دليل اختيار ڪري رهيا آهيو؟ جنهن تي فاروق نائيڪ چيو ته منهنجو موقف اهو ئي آهي پر دليل پنهنجا آهن. فاروق ايڇ نائيڪ کان پوءِ عمران خان جو وڪيل خواجا حارث روسٽرم تي آيو، خواجا حارث دليلن جي شروعات ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو ته نيب ترميمن سان ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي؟ وڪيل خواجا حارث چيو ته اهم ڪيس ۾ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي بابت تفصيل سان بيان ڪري چڪو آهيان، نيب ترميم آرٽيڪل 9، 14، 25 ۽ 24 جي ڀڃڪڙي آهي. خواجه حارث وڌيڪ چيو ته احتساب بيورو پرويز مشرف کان اڳ به موجود هو، ان تي جسٽس اطهر من الله چيو ته نيب جو اختيار رڳو چونڊيل سرڪاري آفيسرن تي ڇو رکيو ويو؟ نيب اختيار غير چونڊيل سرڪاري آفيسرن تي ڇو نه رکيا ويا؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڇا توهان رڳو سياسي احتساب چاهيو ٿا؟ ان تي خواجا حارث چيو ته اسان نيب آرڊيننس 1999 کي چيلينج ناهي ڪيو، اسان نيب ترميمي 2022 کي چيلينج ڪيو. جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان جو اصيل 90 ڏينهن جي رمانڊ مان مطمئن هو؟ نيب جنهن انداز ۾ گرفتاريون ڪندو هو ڇا اهو درست هو؟ خواجا حارث چيو ته نيب ۾ ڪيتريون ئي ترميمون سٺيون آهن، 90 ڏينهن جي رمانڊ مان مطمئن نه هئاسين نه گرفتارين مان، جيڪي ترميمون سٺيون هيون انهن کي چئلينج نه ڪيو ويو. چيف جسٽس پڇيو نيب آرڊيننس ڪڏهن آيو هو؟ جنهن تي خواجا حارث ٻڌايو ته نيب قانون 1999 ۾ آيو هو، جسٽس چيو 1999 ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي؟ نالو کڻي ٻڌايو، خواجا حارث چيو جنرل پرويز مشرف جي حڪومت هئي، پرويز مشرف کان اڳ نواز شريف جي دور ۾ اهڙي قسم جو احتساب ايڪٽ هو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا پرويز مشرف ته چيو هو نيب جو مقصد ڪرپٽ سياستدانن کي سسٽم مان ڪڍڻ آهي، پي ٽي آءِ باني جي درخواست به ڪجهه اهڙو ئي سوچيو. وڪيل چيو اسان جي درخواست ۾ ڪنهن سياستدان جو نالو نه لکيو ويو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ظاهري طور پي ٽي آءِ باني جي حڪومت به رڳو سياستدانن جو احتساب ڪرڻ چاهيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جڏهن پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون ٺهيو ته مان عدالت ۾ ويهڻ ئي ڇڏي ڏنو هو، ان وقت بحث هلي رهيو هو ته اختيار منهنجو آهي يا ڪنهن ٻئي جو آهي، ٻاهر وڃي شينهن بڻجندا آهيو پر سامهون اچي ان تي ڪير ناهي ڳالهائيندو. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس جي جي آءِ ٽي ۾ آءِ ايس آءِ ۽ ايم آءِ جهڙا طاقتور ادارا هئا، ٻڌايو ان ڪيس جو ڇا ٿيو؟ خواجا حارث چيو طاقتور ادارن جي موجودگي باوجود ان ڪيس ۾ ڪجهه ثابت نه ٿي سگهيو، جنهن تي جسٽس اطهر من الله پڇيو خواجا صاحب ٻڌايو ڪهڙين ترميمن کي چئلينج ڪيو ويو هو، توهان سيڪشن 9 فائيو اي ۾ ترميمن کي چئلينج ڪيو هو، سيڪشن 14 ختم ڪرڻ کي چئلينج ڪيو هو. جسٽس اطهر من الله چيو نيب جو مقصد ئي سياسي انجنيئرنگ لاءِ هو، خواجا حارث صاحب توهان پنهنجي اصيل کي ڏکيائين ۾ وجهي رهيا آهيو، نيب ترميمون ڪالعدم ٿيون ته توهان جي اصيل کي نقصان ٿيندو. بئنچ ۾ موجود جسٽس اطهر من الله مخاطب ٿيندي چيو ته خواجا صاحب توهان جنهن طريقي سان دليل ڏئي رهيا آهيو ان مان لڳي ٿو ته گذريل حڪومت (عمران خان) جي دور ۾ نيب ٺيڪ هئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته هن جو احتساب تي ايترو سخت موقف هو ته پوءِ ٽيڪس ايمنسٽي ڇو جاري رکي؟ برطانيا ۾ سالن کان جمهوريت آهي، اتي ٽيڪس ايمنسٽي ڇو نه ڏني وئي، وڪيل خواجا حارث چيو ته هي معاشي فيصلا آهن، ان تي بحث نٿا ڪرڻ چاهيون. اليڪشن ڪميشن اثاثن جا الڳ الڳ اعلان ڪيا آهن، انڪم ٽيڪس جا تفصيل ڇو نٿا گهرن؟خواجا حارث چيو ته پي ٽي آءِ پاران انهن ترميمن دوران پارلياماني ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ سياسي فيصلو هو، جيڪو سندس نظر ۾ درست ناهي. ساڍا 4 ڪلاڪن جي بحث کانپوءِ جڏهن عمران خان جو وارو آيو ته چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان خواجا حارث جي دليلن ۾ ڪجهه شامل ڪرڻ چاهيو ٿا؟ هن اهو به چيو ته عمران خان پاڻ کي ان ڪيس تائين محدود رکندو ۽ ڪو به سياسي بيان نه ڏيندو.عدالت جي اصرار جي باوجود عمران خان پنهنجي دليلن جي شروعات ڪندي چيو ته هو ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جو سربراهه آهي، ان ڪري عدالت کيس هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڪيس تائين محدود رکڻ جو چيو. عمران خان چيو ته ڏسڻو پوندو ته نيب کي ايماندار ماڻهو هلائيندا آهن يا ڪرپٽ، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب چيئرمين جو هن ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ نيب جو سربراهه مقرر ڪري. ان تي جسٽس جمال مندوخيل عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان کي ڪو اعتراض نه هوندو جيڪڏهن توهان ترميم پارليامينٽ مان ڪرائي ڏيو. عمران خان چيو ته اپوزيشن ۽ حڪومت نيب چيئرمين لاءِ 3 نالا کڻي اچن ٿا، جن تي اتفاق نه ٿيندو آهي ۽ پوءِ مقرري ٽيون امپائر ڪندو آهي. جسٽس اطهر من الله عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته پهريان ٻڌايو ته 3 سالن جي دور ۾ نيب کي ڪير هلائي رهيو هو جنهن جو عمران خان جواب نه ڏئي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.