نصرالله گڏاڻي جي قتل خلاف ڌرڻو، ”سردار مائي فوٽ“ جا نعرا

گهوٽڪي/ميرپورماٿيلو(رپورٽ آزاد مهر+پريم راٺوڙ)ميرپورماٿيلو ۾ صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي پاران اعلانيل ڌرڻي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ھزارين ماڻهن جي شرڪت قلم ڌڻين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين پاران شرڪت ڪري شهيد  جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو،خبرموجب ميرپورماٿيلو جي عوامي آواز جي رپورٽر صحافي شهيد نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شهيد جي امڙ مائي پٺاڻي جي سڏ تي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ويو،جنهن ۾ سخت نعريبازي ايس ايس پي گهوٽڪي مٿان سخت تنقيد، ايس ايس پي گهوٽڪي کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪرڻ سميت قاتل گرفتار ڪرڻ جي گهر،احتجاجي ڪئمپ تي جسقم،ايس يو پي،تحريڪ لبيڪ پاڪستان،مهراڻ ليبر فيڊريشن،شهري اتحاد،ايڪشن ڪاميٽي سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻن پاران صحافي آزاد مهر،اسد پتافي،برڪت ميراڻي،لطيف وسير،شبير ڀٽي،تاج محمد ٽانوري،عرفان علي سومرو،ايس يو پي اڳواڻ حاتن خان شر،ميان رفيق،محبوب گهوٽو ۽ ٻين پاران پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪندي فورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو،جڏهن ته ڌرڻي دوران سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون ۽ ٻئي روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ٿي ويا،ڌرڻي ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي ٽيم بيورو چيف آزاد مهر جي اڳواڻي ۾ پھتي ۽ نصرالله گڏاڻي زنده آباد وڏيرا شاهي مردا آباد جا نعرا هنيا ،آزاد مھر، پريم راٺوڙ،مھر،عرفان علي سومرو،۽ ٻين جو چوڻ هو ته نصرالله گڏاڻي عوامي آواز جي پليٽ فارم تان چار سال پنھنجا فرض سرانجام ڏنا حق سچ لکيو جنهن جي ڪري ان کي قتل ڪيو ويو، ڌرڻي ۾ قوم پرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پڻ پھتو ۽ ھن جو چوڻ هو نصرالله گڏاڻي جو قتل شعور جو قتل آهي ان جي قتل پويان بااثرن ماڻهن جو ھٿ آهي پر ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ سنڌ حڪومت کي اھا ڀل آهي ۽ ھو قاتلن کي بچائڻ لاءِھر حربا استعمال پيا ڪن پر اسان انهن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف ٿيندو ۽ خون رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو،پوري سنڌ جي عوام شهيد جي امڙ سان گڏ آهي ۽ قاتلن جي گرفتاري تائين خاموش نه ٿينداسين،ڪئمپ تي پهتل صغير احمد لنڊ ۽ ميان رفيق احمد ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهيد نصرالله گڏاڻي ھميشه ڪرپشن کي وائکو ڪيو ۽ ڪرپٽ وڏيرن کي للڪاريو ، ڪئمپ تي گهوٽڪي مان آزاد مهر،عرفان سومرو،خانپور مهر مان ميهر مهر،سرحد مان حاڪم ابڙو،ڏهرڪي مان اسد لغاري،اوٻاوڙو مان عبدالحئي ڇڄڻ،جروار مان سجاد گبول جي اڳواڻي ۾ قافلا پهتا،دادلغاري،ريتي،رائونتي۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن جي پريس ڪلب مان به صحافين جا قافلا پهتا، شھيد جي امڙ مائي پٺاڻي ، صحافي اسد پتافي، برڪت ميراڻي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي بهادر پٽ کي ڪرپٽ ڪامورن ۽ ڀوتارن قتل ڪرايو آهي،ڇو ته هن هميشه سچ لکيو آهي ۽ غريبن جي آواز کي اٿارڻ لاءِ پهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، انھن جو سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جڊيشل ڪميشن جوڙي انڪوائري ڪري اصل قاتل گرفتار ڪري انھن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن وري ڪو ناحق نصرالله نه ماريو وڃي جڏهن ته اڳوڻن پاران ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جو اعلان جيتري تائين جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو ڌرڻو جاري رهندو، جڏهن ته  ڌرڻي ۾ نٽهڻ اُس ۽ شديد گرمي باوجود ھزارين ماڻهو پھتا ھر طرف سردار مائي فوٽ ڀوتار مائي فوٽ جا نعرا لڳندا رھيا ھر ماڻھو ڏکويل ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ جوش ۾ نظر آيو،قاتلن جي عدم گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻي ۾ ايمبولينس، ٿڌي پاڻيءَ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.