ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون اَپ سيٽ، آمريڪا سپر اوور ۾ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

ڊيلس ( ويب ڊيسڪ ) ٽي-ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ پهريون وڏو اپ سيٽ ٿيو آهي، آمريڪا دلچسپ مقابلي کانپوءِ سپر اوور ۾ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو.
پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي سَت وڪيٽن جَي نقصان تي 160 رنز جو حدف ڏنو، آمريڪا جِي ٽيم به ٽن وڪيٽن جَي نقصان تي 159 رنز ٺاهي سگهي.
قومي ٽيم جِي شروعات مايوس ڪندڙ رهي، جڏهن ٻه وڪيٽون 14 رنز تي ڪري پيون، محمد رضوان 9 ۽ عثمان خان 3 رنز ٺاهي سگهيا.
ڪپتان بابر اعظم ۽ شاداب خان ڏکئي وقت ۾ ٽيم کي سنڀاليو ۽ ٻنهي 48 بالن تي 72 رنز جِي پارٽنر شپ ٺاهي.
بابر اعظم 44، شاداب خان 40، فخر زمان 11، افتخار احمد 18 ۽ شاهين آفريدي 23 رنز جِي اننگز کيڏي.
اسڪور برابر ٿيڻ تي ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو، جتي هوم ٽيم، پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو.
آمريڪا سپر اوور ۾ 19 رنز جو حدف ڏنو پر قومي ڪرڪيٽ ٽيم رڳو 13 رنز ٺاهي سگهي ۽ کيس ناڪامي نصيب ٿي.
پاڪستان خلاف شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آمريڪا جَي ڪپتان مونانڪ پٽيل کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو.
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مونانڪ پٽيل چيو ته پاڪستان خلاف ڪاميابي تمام وڏي اچيومينٽ آهي.
هن چيو ته ٽاس کٽي پاڪستان کي گهڻو اسڪور نه ڪرڻ ڏيڻ ٽرننگ پوائنٽ هو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان خلاف ميچ لاءِ پوري جذبي سان ميدان ۾ لٿا هئاسين…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.