راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو باني عمران خان آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان تڪراري ٽوئيٽ ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، وفاقي جاچ ايجنسي ( ايف آءِ اي ) جي ٽيم پي ٽي آءِ باني کان اڊيالا جيل ۾ معمالي تي پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي.
جيل ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني پنهنجي وڪيلن چوڌري ظهير عباس ۽ انتظار پنجوٿا جي موجودگي ۾ جاچ ۾ شامل ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ٽيم پي ٽي آءِ باني کي سندس ايڪس اڪائونٽ تان پوسٽ ڏيکاري کائنس پاڇا ڳاڇا ڪئي.
ذريعن موجب، جاچ ٽيم ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي اياز احمد۽ سب انسپڪٽر منيب شامل هئا.
ياد رهي ته ايف آءِ اي ٽيم ٽيون ڀيرو اڊيالا جيل پاڇاڳاڇا لاءِ آئي آهي، پي ٽي آءِ باني عمران خان ٻه ڀيرا جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو هو.
ImranKhan PTI FIA