اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هاءِ ڪورٽ شاعر احمد فرهاد جي بازيابي جي درخواست اڪلائيندي چيو آهي ته هي ظلم جو هڪ سلسلو ۽ روز جو معمول بڻجي چڪو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني شاعر احمد فرهاد جي بازيابي ۽ اغوا جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت سوال اُٿاريو ته اسلام آباد ۾ قانون جي عملداري ڪيئن ٿيڻي آهي؟ ان تي معاملو ڪميٽي کي موڪلي رهيا آهيون، قانون جو احترام ڪريو ڇو ته ججن سميت ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته ادارا پنهنجي حدن ۾ ڪم ڪن، انا جي مسئلي ۾ هڪ ماڻهو ٻن ڪيسن ۾ گرفتار ٿي ويو ، عدالتي ڪارروائي جي نتيجي ۾ هو ٻن ڪيسن ۾ هليو ويو جنهن جي فيملي متاثر ٿي رهي آهي، هي ظلم جو هڪ سلسلو آهي روز جو معمول بڻجي چڪو آهي.
هن چيو ته اسلام آباد جي حدن کي عدالتون ڏسنديون، قومي سلامتي جي معاملن تي عدالت ان ڪيمرا پروسيڊنگ ۽ ان جي رپورٽ تي پابندي لڳائيندي، معاملو لارجر بئنچ ڏانهن انڪري موڪلي رهيو آهيان جو هڪ جج جو موقف ڪجهه ٻيو هجي ته ٻيا جج به ڏسن، ٿي سگهي ٿو ته باقي ميمبر ان سان متفق نه ٿين ته انٽيليجنس ايجنسين جي سربراهن کي طلب گهرائڻو آهي.
عدالت چيو ته اسان کي ڪٿي ويهڻو آهي ۽ طئي ڪرڻو آهي ته ڪهڙي لائين آهي جنهن کي ڪراس ناهي ڪرڻو، هن ڪيس ۾ پوري حڪومتي مشينري هتي بيٺي هوندي آهي، ادارا يا عدالتون انا جي مسئلي تي ناهن هلندا، مان فلحال پاڻ کي روڪي رهيو آهيان ته ڪٿي ڪو نقصان نه ٿي وڃي، هيءَ عدالت ان ماڻهو جي حق جي تحفظ لاءِ هر وقت بيٺي آهي، احمد فرهاد جي مئجسٽريٽ جي آڏو بيان جي نتيجي ۾ جاچ اڳتي وڌندي، جيڪڏهن اوهان ضرورت محسوس ڪيو ته ٻيهر عدالت سان رابطو ڪري سگهو ٿا، مون کي پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد ڪرائڻ ايندو آهي.
عدالت بعد ۾ شاعر احمد فرهاد جي بازيابي جي درخواست اڪلائي ڇڏي.
IHC poetAhmedFarhad