شهيد حزب الله ميمڻ جي خون سان انصاف جو سوال

تحرير: امتياز چانڊيو

هونئن ته سنڌ جي تاريخ پنهنجي ڳڀرو جوانن جي شهادتن سان ڀريل آهي، پر ڪنهن ڪنهن انسان جي شهادت اهڙي ٿيندي آهي، جيڪا ڌرتي ۽ ان جي سڄڻن کي وڏو ڌچڪو پهچائي ڇڏيندي آهي، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي قومي تحريڪون هليون، جنهن ۾ سنڌ جي ماڻهن وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ انهن تحريڪن ۾ سنڌ جي سڄڻن جو رت پاڻي جيان وهيو، ڌرتي تي رت سان رنڱيل ريٽا لاش اڇلايا ويا، ڌرتي جي هڪ اهڙي سڄڻ 1990ع وارن لساني فسادن ۾ نفسيات جي ماهر پروفيسر شهيد حزب الله کي دهشتگرديءَ جو نشانو بنايو ويو، جنهن کي جون 2023ع ۾ 34 سال گذري چڪا آهن، پر سندن خون سان انصاف نه ٿي سگهيو آهي. 34 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به اها دهشتگردي پنهنجي جاءِ تي قائم رهندي پئي اچي، رڳو ان دهشتگرديءَ ۾ ملوث ماڻهن جون شڪليون تبديل ٿينديون رهيون آهن، دهشتگردي جو اهو هڪ تاريخي تسلسل آهي، جيڪو وڏي عرصي کان هلندو پيو اچي.

1967ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٽوڙيو ويو، تڏهن ون يونٽ جي مخالف قوتن متحد ٿي حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلوس ڪڍيو، جڏهن اهو جلوس سٽي ڪاليج حيدرآباد جي سامهون پئي گذريو ته ان مٿان وطن جي ويرين حملو ڪيو ۽ پوءِ ته ڌرتي ڌڻين جي ملڪيتن تي به حملا شروع ٿي ويا ۽ حيدرآباد جي اهم جاين کي نشانو بنايو ويو، 1972ع ۾ جڏهن سنڌي ٻولي جو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيو ويو ته ان بل کي بهانو بنائي ساڳئي ڪارروائي دهرائي وئي، ان وقت خاص طور تي انهن علائقن تي حملا ڪيا ويا، جتي ڌرتي ڌڻي سنڌي پنهنجن خاندانن سميت صدين کان آباد هئا، 1977 ۾ تحريڪ نظام مصطفيٰ جي آڙ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت خلاف تحريڪ هلائي وئي، جنهن دوران به ساڳئي عمل جو ورجاءُ ڪيو ويو، 1988 کان 1990 تائين ته جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو ڪنهن کان به لڪل ناهي، ان ڏينهن ۾ نيٺ دهشتگرد وطن جي سڄڻ جا ويري پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا، دهشتگردن بندوق جي زور تي سنڌين کان حيدرآباد شهر خالي ڪرائي کين قاسم آباد ۽ سحرش نگر ۾ آباد ٿيڻ تي مجبور ڪيو، اهي دهشتگرد نه صرف ان وقت ماڻهن کي ماري رهيا هئا، پر اهي اڄ به پنهنجن ڪهري ڪاررواين ۾ مشغول آهن. انهن جو ڪير به نالو وٺڻ وارو ناهي ۽ هو اوترا يا ان کان به وڌيڪ بيباڪ انداز ۾ پنهنجون ڪارروايون جاري رکندا پيا اچن.

20 مئي 1990ع تي دهشتگرد حيدرآباد جي قديم قلعي کان وٺي مارڪيٽ ٽاور تائين سڄي علائقي تي قابض ٿي، ان کي سنڌين لاءِ نوگوايريا بنائي ڇڏيو هو، ايتري حد تائين جو اتي فورسز به نه پئي پهچي سگهي، جن ماڻهن کي ان علائقي ۾ دهشتگرديءَ جو نشانو بنايو ويو، انهن جا لاش ته 3 ٽي ڏينهن تائين وارثن کي نه مليا ۽ اهي اتي ئي پيا رهيا، جتي سندن زندگيون کسيون ويون هيون، سمورا ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار بڻيل هئا، ڪنهن ۾ ڪا همٿ ئي نه هئي جو پاڻ مٿان ٿيندڙ ظلم تي ڪا دانهن ڪري سگهي.

انهن ئي دهشتگردن جون 1990ع ۾ پروفيسر حزب الله ميمڻ جي رت سان هٿ رنڱيا هئا، پروفيسر حزب الله ميمڻ کي دهشتگردن سندس ڊفينس واري گهر سامهون گوليون هڻي کانئس سنڌ جي سرمايي مثل زندگي کسي ورتي، حزب الله ميمڻ اهو انسان هو، جيڪو يونيورسٽي ۾ نفسيات جو هڪ قابل ۽ هر دلعزيز استاد، دوستن جو دوست سڄي ڊپارٽمينٽ ۾ سندس هاڪ هوندي هئي، هو نه صرف پنهنجي استاد برادريءَ ۾ مقبول هو، پر ان سان گڏوگڏ شاگردن جو به هر مرحلي تي ساٿ ڏيندو هو. هو شاگردن جو استاد به هو ته مائٽ ۽ هڏڏوکي به هو ته دوست به هو، حزب الله ميمڻ جي وڇوڙي سان ايشيا ۾ هڪ ماهر نفسيات جو خال پيدا ٿي ويو، جنهن کي ڪڏهن به ڀري نٿو سگهجي، حزب الله ميمڻ جا قاتل اڄ به موجود آهن، پر حزب الله جي رت سان انصاف ناهي ٿيو، هيءَ ڌرتي ۽ هن جا ڌڻي اڄ به حزب الله ميمڻ جي رت سان انصاف ٿيڻ جي آس لڳايو ويٺا آهن، هاڻي حڪومتي ادارن جو فرض آهي ته اهي حزب الله ميمڻ جي رت سان انصاف ڪرائي، سندس قاتل کي وائکو ڪري سرعام ڦاهي ڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.