قومي ادارتي پاليسيون،رياست جي رازداريءَ جون امانت آھن

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

دنيا جي ڪمزور ترين رياست جون به پنهنجيون قومي ترقياتي يا رازداريءَ  جون پاليسيون،پروگرام ۽ ترقياتي منصوبا هوندا آھن جن جي آڌار تي ملڪ جي ادارتي وهنوار جيڪو پڻ رياستي ڍانچي جي سڃاڻپ هوندو آھي تي ڪم ڪار هلندو آھي.پر افسوس جو ڪجھه  کان خبرون گردش ۾ آھن ته آءِ ايم ايف وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته ملڪ ۾ موجود صوبن جي ساليان ترقياتي منصوبن واري پروگرام جي پاليسين کي گهرائي پلاننگ ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ جي پڻ گهر ڪئي آھي.!!

آءِ ايم ايف گهر ڪئي آھي ته انهن ترقياتي منصوبن جا سيڪٽر وائيز تفصيل پلاننگ ڪميشن کي جمع ڪرايا وڃن.اطلاعن موجب ملڪ جا چا ئي صوبا پنجاب ،سنڌ ،ڪي پي ڪي،بلوچستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير حڪومت کان به اهڙو گڏيل مطالبو ڪيو ويو آھي.ان حوالي سان اطلاع اهي آھن ته پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت اهڙي قسم جي معلومات وفاقي حڪومت سان شيئر پڻ ڪري ورتا آھن.!! جڏهن ته اهي به اطلاع آھن ته هن وقت تائين بلوچستان،ڪي پي ڪي،گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير حڪومت اهڙي معلومات شيئر ڪرڻ کان انڪار/نابري واري آھي.

ڪافي ڏينهن کان وفاقي حڪومت ڳجهي انداز ۾ اهي ڳالهيون ڪري رهي هئي ته صوبن جي ترقياتي فنڊز ۾ ڪٽوتي يا گهٽتائي پڻ ڪئي ويندي وغيره.ان مان اهو محسوس ٿئي پيو ته آءِ ايم ايف اهڙي قسم جو مطالبو پڻ وفاقي حڪومت کان ڪيو آھي.ان عمل ۽ اهڙي قسم جي آءِ ايم ايف جي مطالبن کي گهرائيءَ  سان مشاهدي ۾ آندو وڃي ته ان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته آءِ ايم ايف دنيا جي ڪمزور ترين رياست يا ملڪ سان به اهڙا مطالبا ڪرڻ لاءِ  هزار ڀيرا سوچيندو هوندو.اسان جو ملڪ ته هڪ ايٽمي قوت واري حيثيت رکي ٿو جنهن جا پنهنجا رياستي ايٽمي قوت وارا پروٽوڪالس آھن.هن قسم جي مطالبن مان اهو محسوس پيو ٿئي ته اسان جي ملڪي سياسي ۽ حڪومتي  ليڊرشپ وٽ اهي ايٽمي طاقت رکندڙ رياست جي پروٽوڪال جي اهميت محسوس ڪرڻ واري ڏاهپ ناهي.جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته آءِ ايم ايف جا هي مطالبا هجڻ نه کپن ها.ان مان ثابت اهو پيو ٿئي ته يا ته اسان جي ملڪي رياستي سياسي قيادت پنهنجي ڏاهپ ۾ سنڍ ٿي چڪي آھي يا کيس کي اهڙي ڪا لالچ آھي جنهن سبب هو خاموش آھن. انهيءَ  لالچ جا به ٻه سبب ٿي سگهن ٿا هڪ ته سندن جو اقتدار ۾ رهڻ ۽ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ  عوامي رت مان چوسيل ٽيڪسز مان ڪڪ بيڪس وٺڻ.!!

رياستن جي پنهنجي ملڪي،قومي ۽ ادارتي پاليسين ٿينديون آھن جن جو دارومدار قومي ترقيءَ جي راز تي پڻ بيٺل هوندو آھي ۽ ان قومي راز کي صوبائي سطح کان مٿي کڻي وڃي آءِ ايم ايف جي رحم وڪرم تي ڇڏڻ ڪٿان جي ڏاهپ ۽ حڪمت آھي.اسان جي ملڪي سربراهن ۽ سياسي قيادتن کي کپي ته آءِ ايم ايف جي پاليسين کان نجات حاصل ڪندڙ حڪمتي عملين تي ڌيان ڏيڻ کپي. جيڪڏهن نه ته پوءِ  پاڙيسري ملڪ سريلنڪا جو حشر سڀ جي سامهون آھي.

دنيا جي دستوري اصولن پٽاندڙ نظام ۾ اسان پنهنجي رياستي ۽ جغرافيائي جنهن صورت ۾ ويٺا يا بيٺا آھيون، سو پڻ وڏي اهميت ۽ هئيت جو حامل آھي.جڏهن ملڪ جي رياستي ۽ قومي پاليسين جو گهرائيءَ  سان جائزو وٺو ته اسانکي ان معلومات ملڻ تي فخر ٿيڻ کپي ته اسان جي عسڪري طاقت دنيا جي طاقتور ۽ بهترين عسڪري پيشاوراڻين مهارتن سان پڻ ڀريل آھي.سياسي قيادتن وٽ هڪ ڏاهپ واريسوچ هوندي آھي اها قومي سطح تي هن وقت ڄڻ ته سنڍ ٿي چڪي آھي،جيڪڏهن نه ته آءِ ايم ايف مٿي ذڪر هيٺ ڏنل مطالبا نه ڪري ها.ان ڪري هتي ٿيڻ ايئن کپي ته سياسي ڏاهپ جا بلند نعرا هڻندڙ حڪمرانن کي کپي مسلسل 16 سالن کان پارليامينٽ ڪم ڪري ٿي اوهان جي حڪومتن جي مسلسل اٿل پٿل رهي آھي ته پوءِ  به آءِ ايم ايف جا اهڙا مٿي بيان ڪيل مطالبا مناسب ڪونه ٿا لڳن يا اوهان ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ جا حڪمران يا سياسي ليڊرز ناهيون يا خدا نه خواسته ملڪ ايٽمي طاقت ناهي جو آءِ ايم ايف اهڙا مطالبا ٿي ڪري.

هن وقت جون ملڪي، سياسي حڪومتي ۽ ادارتي ۽ انتظامي صورتحال ٻڌائي ٿي ته سياسي ۽ حڪومتي ليڊرشپ ۾ قومي ترقيءَ  ۽ ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ وارو Vision ناهي. جيڪڏهن ايئن هجي ها ته پوءِ  اسان جي رياستي قومي ادارتن جي هيءَ  تباهي ۽ انهن جي نيلامي هجڻ نه کپي ها.مثلن پاڪستان اسٽيل ملز،پي آءِ اي جي نيلامي،پاڪ پي ڊبليو ڊي جي خاتمي جون ڳالهيون ۽ ان سميت 2 دزن کان مٿي قومي ادارن جي نيلامي يا انهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت پروگرامنگ ڪنهن سٺي ساک رکندڙ سياسي ۽ حڪومتي ليڊرشپ جي سڃاڻپ پڻ ناهي هوندي.هن وقت به آءِ ايم ايف جيڪي مطالبا ڪندي اسانجي قومي،ملڪي،رياستي ۽ هاڻي صوبائي ادارن ۾ ترقياتي منصوبن جي بجيٽ ۽ پاليسين تي عمل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي سا ڪوشش يا پڻ آءِ ايم ايف جي حرڪت کي فوري بنجو ڏيڻ جي ڪوشش ئي نه پر ڪنهن ٺوس حڪمتي عمليءَ  سان اڳيان رڪاوٽ ڏني وڃي، جيڪا پڻ هڪ قومي سياسي ۽ حڪومتي ليڊرشپ جي ڏاهپ هوندي آھي،جيڪڏهن نه ته قومي ملڪي ۽ رياستي ادارن ۾ آءِ ايم ايف جي مداخلت پڻ ڪنهن خودمختيار رياست ۾ نظر اچڻ ليڊرشپ جي ڪمزوري سمجهيو ويندو.

ملڪي سياسي ۽ اقتدري قيادتن کي کپي ته هو قائدانه صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي،ملڪي خودمختياريءَ  ۽ سالميت جي دفاع ۾ ڪردار ادا ڪندي ملڪي، قومي، ادارتي،انتظامي ۽ سياسي توڙي عسڪري ادارن جي فلاح بهبود ۽ ترقيءَ  لاءِ  قومي پاليسي جوڙي خود ملڪ ۾ پاڪستان پلاننگ ڪميشن ۽ صوبن اندر صوبائي حڪومتون پلاننگ ڊولپمنٽ جهڙن ادارن کان ڪرادر ادا ڪرائيندي قومي ملڪي ادارتي ترقيءَ  لاءِ  قومي  پاليسين تي عمل ڪرائن.بجاءِ ان جي ته آءِ ايم ايف جي ڏنل معاشي پاليسين جي ۽ سندس پگهاردار ملازمن جي مقررين ۽ ڏسيل پاليسين تي پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو.

هن سموري مٿي بيان ڪيل ڳالهين ۽ آءِ ايم ايف جي ڳجهين پاليسين مان محسوس ٿي رهيو آھي ته اسانجي رياست خودمختيار گهٽ آءِ ايم ايف جي رحم ڪرم تي وڌيڪ آھي.آءِ ايم ايف جيڪا پڻ عالمي طاقتور ملڪن جي اثر هيٺ ڪم ڪري پئي، سي پڻ پاڪستان جهڙي مسلم رياست ۽ايٽمي طاقتور ملڪ کي پڻ ڀرو ٿيڻ ڪيئن ڏيندا.ان ڪري وقت تقاضائن کي مد نظر رکي ڪجھه  ڳالهيون مٿي رکيون آھن جيڪي پڻ توجھ طلب آھن.ان کان علاوه به اسانجي ملڪ پاڪستان جي جيڪا مالي وسيلن سان جيڪا ٻاهرين مداخلت آھي پڻ وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ هن ڪلائيمیٽ چينج واري دور ۾ ملڪي زراعت جي بهتري ۽ ماحولياتي اثرن تي بهتر نموني ڪم ڪجي ته هوند اسان کي هروڀرون عالمي مالياتي ادارن ڏانهن قرض وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.مثال طور ملڪي زراعت کي جديد تقاضائن ۽ ضرورتن جي هم آھنگ آڻي بهتر پئداوار وٺي عالمي مارڪيٽ ۾ بهتر ايڪسپورٽ کي هٿي ملي سگهي ٿي ۽ اتان سٺو ئي نه پر تمام سٺو ناڻو ڪمائي سگهون ٿا.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.