رسول بخش پليجو، فڪري ۽ انقلابي جدوجهد جي تاريخ

تحرير: منان شيخ

رسول بخش پليجو صاحب هڪ ئي وقت اديب، دانشور، نقاد، مفڪر، قانوندان ۽ سياستدان هو. هو عالمي جنگين ۽ انقلابي تاريخي علمن جو ماهر هو ۽ سائنس، مذهبن ۽ فلسفي تي عبور حاصل هيس. وڏي اهم ڳالھه هي آهي ته مٿي ڄاڻايل سمورن علمن کي سنڌ، پاڪستان ۽ هن خطي جي حالتن پٽاندڙ ۽ عوام جي علمي سطح مطابق سادي ۽ عوامي ٻولي ۾ نون ڍنگن سان هارين، مزدورن، شاگردن، وڪيلن، اديبن ۽ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر ۾ پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ ڪچهرين جي ذريعي عام ڪيائين. پليجو صاحب پنهنجي حڪمت عملي سان انهن مسڪينن، غريبن، هارين، مزدورن ۽ وچين هيٺين طبقي جي ماڻهن، ٻارن، نوجوانن، عورتن ۽ پوڙهن کي سياست سيکاريائين ۽ انهن سڀني کي جدوجهد جي ميدان ۾ اڳتي کڻي آيو، جيڪي هزارين سالن کان وٺي هن ڌرتي تي پراون توڙي پنهنجن جا غلام رهيا هئا. سنڌي ماڻهن ۾ جيڪا احساس محرومي، احساسي ڪمتري، ويڳاڻپ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪجهه نه سمجهڻ جو جيڪو احساس هو انهن سمورن احساسن کي تبديل ڪري دنيا جي انقلابي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن واري جرئت پيدا ڪئي.

پليجي صاحب جو وڏو ڪمال هي هو ته پنهنجي وطن ۽ عوام جي تحفظ ۽ حاصلات لاءِ سنڌي عورتن کي سياسي تنظيم ۾ شامل ڪرڻ هو ۽ جدوجهد جي ميدان ۾ آڻڻ هو. سنڌي سماج ۾ عورتون جيڪي هزارين سالن کان مٿي طبقي سان گڏوگڏ پنهنجي مڙس، پيء، ڀاء، چاچي، ڏير ۽ هر ان ڀاتي جون غلام هيون جنهن جي سڃاڻپ مرد سان هئي. جتي جاگيرداري ۽ پدري سماج ۾ عورت گهر کان ٻاهر نڪري ته ڪاري ٿي قتل ٿي وڃي اتي رسول بخش پليجي صاحب سنڌ دشمن منصوبن خلاف هزارين عورتن کي جدوجهد جي ميدان ۾ هراول دستي طور اڳتي کڻي آيو.

پليجي صاحب جي پهرين سڃاڻپ ادب کان ٿئي. جڏهن سنڌ اندر جديد ادب نثري رهيو هو ته ان دوران مذهبي ٺيڪيدارن جا جٿا راڪاس ۽ ديو بڻجي روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعري ۽ ادب لکندڙن کي ڪافر جون فتوائون ڏيندا، پنهنجي ناپاڪ عوام دشمن، انسان دشمن سوچ سان لکڻين ذريعي تيز ترار لفظن سان وطن دوست ۽ عوام دوست ماڻهن تي وار ڪندا رهيا ۽ انهن کي پنهنجي مدي خارج بدصورت لفظن سان روحاني طرح زخمي ڪندا رهيا. ان وقت رسول بخش پليجي صاحب جڏهن انهن مذهبي ٺيڪيدارن کي جواب ڏيڻ لاءِ سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي تمام وڏن شاعرن، اديبن، مفڪرن، ليکڪن ۽ خاص ڪري پيغمبرن کي پنهنجي لکيل ڪتاب ”انڌا اونڌا ويڄ“ ۾ دليل طور کڻي آيو ته ماڻهو پڙهي دنگ رهجي ويا ته ڪوئي ائين به لکي سگهجي ٿو ڇا؟ شاندار ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ مذهبي ٺيڪيدارن جا رستا بند ڪري ڇڏيا. ان کانپوءِ پنهنجن توڙي پراون هٿان ادب جي مٿان خطرناڪ گمراهي وارو حملو ٿيو، ادب ۾ ايترا ته مونجهارا پيدا ڪيا ويا جو ادب کي سياست، سماج، قوم ۽ عوام جي مسئلن کان ڪٽيل، ڌار، الڳ ٿلڳ نج فقط فرد جي احساسن ۽ جذبن جو اظهار ڪري پيش ڪيو ويو. پليجي صاحب ان کي رد ڪندي شاهڪار ڪتاب "سندي ذات هنجن´´ لکي مخالفن توڙي سڄڻن کي دليلن سان لاجواب ڪري ڇڏيو.

ستر واري دور ۾ سنڌ ۽ پاڪستان ۾ سياسي نظرياتي اهم معاملن منهن ڪڍيو. هڪڙن مها اڳواڻن چيو ته طبقاتي مسئلو آهي ئي ڪونه هتي فقط ۽ فقط قومي مسئلو آهي ۽ ٻيا جيڪي هندستان کان تڙجي آيا هئا جن سان پنهنجا به شامل هئا انهن چيو قومي مسئلو ٿيندو ئي ناهي، دنيا ۾ صرف ٻه طبقا آهن هڪ ڦريندڙ ۽ ٻيو ڦرجندڙ، هڪ ظالم طبقو ۽ ٻيو مظلوم طبقو. ان سان هڪ اهڙو سياسي نظرياتي مونجهارو پيدا ٿيو جو چڱن ڀلن ماڻهن جو مٿو ئي فري ويو. پليجي صاحب قومي ۽ طبقاتي سوال تي ٻه ٽي سال گهرائي سان مطالعو ڪري ان مونجهاري جو حل ڪڍي ورتو ته سنڌ ۾ قومي ۽ طبقاتي ٻئي تضاد موجود آهن. جيڪي به سياسي، سماجي، قومي ۽ طبقاتي، بنيادي نظرياتي مونجهارا هئا انهن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان جو سڀ کان اهم ۽ نرالو ڪتاب "صبح ٿيندو´´ لکيائين جيڪو هڪ نظرياتي ڪتاب آهي. جڌهن به عوام دشمن قوتن ۽ سياسي مخالفن پاران تحريرن، تقريرن، بيانن ۽ ڳجهي حڪمت عملين ذريعي سنڌ ۾ مايوسي، گمراهي ڦهلائي ويندي هئي ۽ سنڌ سان ٺڳيون ڪيو وينديون هيون ته پليجو صاحب پنهنجي وسيع ۽ اٿاه مطالعي ذريعي ۽ پنهنجي زندگي جي تلخ تجربن سان وڏي غور ۽ فڪر سان هرمورچي تي جواب ڏيندو رهيو.

پليجي صاحب جون سياسي حڪمت عمليون به ڪمال جون هيون. 1971ع ۾ فوجي ڪاهه ذريعي ملڪ کي ٻه اڌ ڪيو ويو ان وقت اسانجي هڪ وڏي سنڌي ليڊر چيو شڪر الحمد الله پاڪستان بچي ويو ۽ ٻئي وڏي سنڌي ليڊر چيو اسين پاڪستان کي ٽوڙينداسين، پر پليجي صاحب موقف اختيار ڪيو ته جنهن پاڪستان ۾ سنڌ 1940ع جي قرارداد مطابق شامل ٿي هئي، ان کي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا سامراج جي ڏٽي تي ٽوڙي ڇڏيو. تنهنڪري اسان کي قائد اعظم وارو پاڪستان کپي جنهن کي توهان انهيءَ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ته جيئن اسين ملڪ تي قبضو ڪري سگهون ۽ قائد اعظم جي روشن خيال ۽ سيڪيولر خيالن کي دفن ڪري مذهبي انتهاپسندي جا بنياد وجهي سگهون ۽ پاڪستان ۾ شامل تاريخي مهذب قومن جي وسيلن تي قبضو آساني سان ڪري سگهون. پليجي صاحب جي ان موقف ذريعي آمرن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هرمورچي تي ان دور ۾ رسوائي ڪئي وئي جڏهن اسٽيبلشميٽ جي باري ۾ ماڻهن کي خبر به نه هوندي هئي. عالمي سامراج جي ملڪي دلالن سنڌ مٿان هڪ ئي وقت چار پنج حملا ڪيا. سنڌو درياء تي ڌاڙو هڻي سنڌي ماڻهن کي پاڻي لپ لاءِ سڪائڻ، ڌارين جي دهشتگردي ذريعي سنڌ جا وڏا شهر کسڻ جي سازش، ڄڻ سنڌ کي چنگيز، هلاڪو ۽ هٽلر جي نازي فوج فتح ڪرڻ آئي هجي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ آزادي جي نالي ۾ ڌاڙيلن ۽ غنڊن کي ڀرتي ڪري، هٿيار ڏئي تعليم کي وڏي بندوبست سان يرغمال ڪري تعليم کي تباه ڪرڻ جي ڪامياب حڪمت عملي ٺاهي وئي. ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن کي هٿيار ڏئي اڇي ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو. جاگيردارن، پيرن، ميرن، سردارن، ملن ۽ وڏيرن کي  سموري سرڪاري مشينري ذريعي نئين سر سنڌ مٿان مسلط ڪري ڪيو ويو.

رسول بخش پليجو صاحب دشمنن جي سموري سازشن کي سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جي اڳيان وڏي جرئت سان وائکو ڪيو ۽ ان گهري سازش جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا هئا. پليجي صاحب پنهنجن جي غدارين، دلالين، دغائن، ڪوڙن، فريبن، چالاڪين، ميسڻائپ، ٺڳين، حرمپائين، ظلمن ۽  قوم سان ڪيل تاريخي نقصانن تي وڏي جرئت ۽ بهادري سان عوامي ٻولي ۾ هرمورچي تي ڳالهايو ۽ مسلسل اڻٿڪ جدوجهد ذريعي پنهنجي قوم جي عوام کي گڏ ڪري وڏي ڏاهپ، سياسي سمجھ، اٿاه علم ۽ سياسي حڪمت عملي سان وڏن نقصانن کي روڪيو، گهٽايو ۽ ڪنهن حد تائين ڪاميابيون حاصل ڪيون. رسول بخش پليجو صاحب هن خطي جو تمام وڏو ماڻهو هو. جنهن سنڌ ۾ ڪارل مارڪس، اينجلس، لينن، اسٽالن، مائوزي تونگ، فيڊل ڪاسترو ۽ ٻين عالمي ليول جي وطن دوست، عوام دوست ۽ پورهيت دوست انقلابي اڳواڻن، شاعرن، اديبن، ليکڪن، سائنسدانن ۽ فلسفين کي تمام پٺتي پيل علائقن ۾ پنهنجو مٽ مائٽ، عزيز ۽ اسان جهڙو ڪري کڻي آيو. انهن جي ڏکين ڳالهين کي تمام آسان ڪري نج ٻهراڙي ٻولي ۾ پيش ڪندو هو. ان ڪري سنڌي ماڻهن سمجهڻ شروع ڪيو ته انهن اوپرن ماڻهن جو رشتو اسانجي رت جي رشتن کان وڌيڪ ٿو لڳي.

پليجو صاحب دنيا جي مختلف ملڪن ۾  شاه عبدالطيف ڀٽائي جي شاعري کي ترجمو ڪري ٻين کي ٻڌائيندو رهيو ته اسان وٽ به دنيا ليول جو وڏو شاعر موجود آهي. لطيف، شيخ اياز، استاد، سرويچ، ابراهيم منشي ۽ ٻين جي شاعري کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو. پليجو صاحب گهمندڙ ڦرندڙ عالمي ليول جي يونيورسٽي هو. آئون حيران ٿيندو آهيان ته پليجو صاحب هڪ عمر ايترا ڪم ڪيئن ڪيا؟ مون پليجي صاحب سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ڪيون هيون ۽ اهي ڪچهريون سو کن ٿينديون ۽ ائين سوين ۽ هزارين ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون هيائين. ان وقت کي جوڙ ٿا ڪيون ۽ ان کان علاوه هزارين گڏجاڻيون، سوين هزارين تقريرون ۽ ليڪچر، سوين تحريرون، هزارين جلسا، جلوس، مظاهرا، علامتي بک هڙتالون، ريليون ۽ لانگ مارچون، سڄي دنيا ۽ ملڪ جا دورا ۽ وڪالت کي ڏنل وقتن کي جوڙ ٿا ڪيون ته بس حيران ئي ٿي سگهون ٿا. هڪ ڀيري پليجي صاحب فون ڪئي چيائين سڀاڻي توکي ڪو ڪم ناهي ته حيدرآباد اچ ته ڪچهري ڪيون. حيدرآباد پهتس پليجي صاحب جي طبيعت ٺيڪ نه هئي. عام طرح حال احوال کانپوءِ ڪجهه وقت پليجو صاحب خاموش ٿي ويو. اچانڪ اهم ترين ڳالهھ شروع ڪيائين ته دنيا ۾ انسان جي فائدي لاءِ ٻن قسمن جي ملڪيت آهي هڪڙي آهي پئسا، سون ۽ زمين وغيره وغيره جنهن کي فقط ان جي خاندان جا ماڻهو خرچ ڪري سگهن ٿا ۽ اها ورهائڻ سان کٽي ٿي پئي ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ختم ٿئي ٿي وڃي. ٻئي ملڪيت آهي انساني تاريخ، سياست، فلسفو، سائنس ۽ انقلابن جي تاريخ وغيره وغيره اها ملڪيت ختم نٿي ٿئي جيتري خرچ اوتري وڌي ٿي ۽ ڦهلجي ٿي ۽ ان مان دنيا جو هرماڻهو فائدو وٺي سگهي ٿو. حضرت محمد صلعم، ڪارل مارڪس، اينجلس، لينن، اسٽالن، مائو، هوچي منھه ۽ ٻين اهڙي ملڪيت کي سڄي دنيا ۾ ورهايو ۽ مون به انهن کان پنهنجي ماڻهن لاءِ پورو حصو ورتو ۽ ورهايو. مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائي هاڻي تنهنجي مرضي. آئون گهٽ پڙهيل ماڻهو پليجي صاحب تي ڇاٿو لکي سگهان ۽ ان جي گهرائي کي نٿو ماپي سگهان. آئنسٽائن چيو آهي آئون جڏهن ڪائنات تي غور ۽ فڪر ڪيان ٿو ۽ ان جي گهرائي کي ماپڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو تيئن ڪائنات وسيع ٿيندي ٿي وڃي. تيئن آئون جڏهن پليجي صاحب جي سمورن پاسن تي غور ويچار ڪيان ٿو ۽ ان جي ڄاڻ ۽ جدوجهد جي گهرائي ماپڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو ته مونکي رسول بخش پليجو ڪائنات جيان وسيع ٿو لڳي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.