ڳالهيون ٿيون ته گهر جي مالڪ سان ٿينديون: عارف علوي

لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جيڪڏهن ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته گهر جي مالڪ سان ٿيندي، سائيفر ڪيس ۾ سٺو فيصلو  آيو آهي، ڇا حڪومت ان تي کيڏڻ چاهي ٿي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته سائيفر جو فيصلو خوش آئند آهي، اهو فيصلو اچڻ گهرجي ها ڇو ته سائيفر تي سيڪشن آفيسر نه پر وزيراعظم فيصلو ڪري ٿو ته عوام کي ان بابت آگاهه ڪيو وڃي يا نه. عارف علوي وڌيڪ چيو ته هو احتساب جي معاملي تي حوصلو وڃائي ويٺا آهن، اشرافيه احتساب جي معاملي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. اڳوڻي صدر جو اهو به چوڻ هو ته ماضي ۾ جهانگير ترين کي ڪلين چِٽ ملي ته هو غلط آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ۾ عوام ايڏي وڏي تعداد ۾ ليڊر سان محبت ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.