ڪراچي (رپورٽر) نامياري معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته اسان جو ٽيڪس نظام غير منصفاڻو آهي جنهن جو بار غريبن تي پوي ٿو، مسواڙ تي رهندڙ خاندان وڏي ويل ۾ آهن، ٽيڪس جي بدلي تعليم، علاج ۽ انصاف سميت ڪا به سهولت حڪومت نه ٿي ڏئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ بجيٽ ورڪشاپ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته معاشي بحران کي نظر ۾ رکندي استاد سرڪاري تعليمي ادارا ڇڏي پرائيويٽ تعليمي ادارن ۾ هليا ويا آهن. ڊالر جو اگهه واڌڻ سان رياست جي آمدني وڌي وئي، پر ان جو رياست جو ڪو به ڪمال ناهي. قيصر بنگالي چيو ته رياستون پنهنجي قومي پيداوار ۽ خرچن جي وچ ۾ توازن قائم ڪندي پنهنجي بجيٽ تيار ڪندي آهي. ن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان گھٽ خرچ سول ايڊمنسٽريشن جا آهن، ان کانپوءِ دفاع، پرڏيهي قرضن ۽ سبسڊي تي ٿيندڙ خرچ آهن. سڀ کان وڌيڪ خرچ سبسڊيز تي آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته آءِ ايم ايف نوان قرض ڏيڻ لاءِ سدائين سبسڊي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان تي زرعي شعبي کي ملندڙ سبسڊي ختم ڪرڻ تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏئي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته زرعي شعبي جي ڏيتي ليتي بئنڪنگ سسٽم ۾ نه ٿي اچي، ان ڪري اهو شعبو آساني سان ٽيڪس نيٽ ۾ نٿو اچي. ان لاءِ اثرائتا قدم نه کنيا ويا آهن. هڪ اندازي موجب پاڪستان ۾ هن وقت واهپيدار 85 سيڪڙو اڻ سڌي طرح ٽيڪس ادا ڪن ٿا. هن چيو ته ملڪ جي اڪثر ضرورتن جو دارومدار زرعي پيداوار تي هوندو آهي، پر زرعي زمين کي رهائشي ۽ واپاري مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو لاڙو وڏي پيماني تي وڌي رهيو آهي. وڌندڙ مهانگائي سبب صنعتي پيداوار گهٽجي رهي آهي. هن چيو ته زرعي انشورنس صرف رياستي ادارن طرفان فراهم ڪئي ويندي آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ اهڙو ڪو به نظام موجود ناهي، جنهن سبب زرعي خسارو صرف ۽ صرف هاري کي ئي برداشت ڪرڻو پوندو آهي. هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ پيئڻ جي ضرورتن لاءِ پورو پاڻي ناهي ته بنجر زمينن کي سيراب ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان آڻينداسين؟ هن چيو ته حڪومت کي سيلز ٽيڪس يا اڻ سڌي طرح ٽيڪس وڌائڻ بدران سڌي ريت روينيو وڌائڻ گهرجن.