اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) نيب غير معياري کير ۽ ڏهي جي وڪري تي نوٽيس ورتو آهي.نيب راولپنڊي چيف ڪمشنر اسلام آباد کي خط جاري ڪيو، جنهن ۾ فوڊ اٿارٽي ۽ ضلعي انتظاميا جي آفيسرن کي طلب ڪيو ويو آهي.نيب جي خط ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي 12 جون تي صبح 11 وڳي نيب راولپنڊي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ اختيارين کان غير معياري کير، ڏهي جي وڪري تي جواب طلب ڪيو ويو آهي.نيب غير معياري کير ۽ ڏهي جي وڪري تي سيڪشن سي 33 تحت لاڳاپيل آفيسرن کي طلب ڪيو ۽ چيو ته لاڳاپيل اختياريون ڊيري پراڊڪٽس جي ڪوالٽي تي بريف ڪن.