اسلام آباد (بيورو+ م ڊ ) ڪراچي (رپورٽر ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال توهين عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ معافي بابت حلفي بيان جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدليا کان پنهنجي هر بيان خاص طور 16 مئي جي پريس ڪانفرنس تي غير مشروط معافي چاهيان ٿو.هن چيو ته عدليا جي ججن جو دل سان احترام ڪيان ٿو، عدليا ۽ ججن جي اختيارن ۽ ساک کي ڇيهو رسائڻ بابت سوچي به نٿو سگهان. هوڏانهن اڳوڻي وفاقي وزير ۽ سينيٽر فيصل واوڊا توهينِ عدالت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کان غير مشروط معافي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.فيصل واوڊا توهينِ عدالت نوٽيس تي 16 صفحن تي ٻڌل پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو، فيصل واوڊا پنهنجي جواب ۾ چيو ته سندس پريس ڪانفرنس جو مقصد عدليا جي توهين نه پر ملڪ جي بهتري هو