شاعر احمد فرهاد جي ضمانت واري درخواست رد، رمانڊ ۾ واڌ

مظفرآباد (م ڊ ) مظفرآباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت شاعر احمد فرهاد جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.دهشتگردي جي انت  واري عدالت شاعر احمد فرهاد جي ضمانت واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت گذريل ڏينهن فيصلو محفوظ ڪيو هو.عدالت جي فيصلي موجب وڌيڪ 10 جون تائين ريمانڊ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان احمد فرهاد جي گهر واري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عدالت مان ضمانت رد  ٿيڻ کان پوءِ اسان انهي فيصلي کي چيلينج ڪنداسين ۽ قانون جو سهارو وٺنداسين. هن چيو ته اسان کي صرف ايترو ٻڌايو ويو آهي ته ضمانت رد ڪئي وئي. تفصيل اسان کي نه ٻڌايا ويا آهن. احمد فرهاد بيمارآهي کيس سهڪي جو مرض آهي، انهي کي اسپيشل ڪيئر ملڻ گهرجي، ٻئي صورت ۾ انهي جو مرض وڌي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.