ڪراچي ڊفينس ۾ واپاري گوليون هڻي قتل

ڪراچي (رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو)ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 2 ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري فلور مل جي واپاري کي قتل  ڪري ڇڏيو. ريسڪيو ذريعن موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ آصف بلواڻي طور ٿي آهي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي ڏکڻ چيو ته اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته واقعو ڦرلٽ جو هو يا ڪو ٻيو معاملو هو، ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته مقتول فلور مل جو مالڪ هو، شروعاتي طور واقعو ٽارگيٽ ڪلينگ لڳي ٿو، مقتول وٽان ڪا به شيءِ ڦر ناهي ٿي. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته اکين ڏٺن شاهدن پوليس مددگار 15 تي فائرنگ جو اطلاع ڏنو، مقتول جو نالو آصف بلواڻي  آهي، جنهن جي عمر 60 سال آهي ۽ سندس جو ايمبرائيڊري ڪارخانو آهي واقعي جي هر طرف کان جاچ ڪئي پئي وڃي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.