عمران خان ملڪ ٽوڙڻ چاهي ٿو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ  پي ٽي آءِ طرفان ڏڦيڙ، تقسيم ۽ ادارن سان نفرت جو بيانيو ذھنن ۾ ڀريو پيو وڃي، عمران خان جو شيخ مجيب بابت بيانيو واضح ڪري ٿو تھ ھُو ملڪ ٽوڙڻ چاھي ٿو. ھڪ بيان ۾ هن  چيو تھ پي ٽي آءِ وارا ڪڏھن گادي واري شھر تي چڙھائي جي ڌمڪي ڏين ٿا تھ ڪڏھن وري ملڪ ٽوڙڻ جي ڳالھھ ڪن ٿا، اقتدار نھ ملڻ تي قومي بيانئي کان انحرافي ڪن ٿا، اقتدار نھ ملڻ تي شيخ مجيب کي ھيرو قرار ڏيڻ پاڪستان جي  تاريخي قومي بيانئي کان انحراف آھي. ھن چيو تھ اوڀر پاڪستان واري سانحي کي خنجر بڻائي رياست جي شھھ رڳ تي رکڻ سنگين عمل آھي، سندس چوڻ ھو تھ قومي ادارن خلاف لڳاتار ڊجيٽل دھشتگردي جو مظاھرو ڪيو ويو ،سائفر ڪيس جو فيصلو قومي رازن ۽ مفادن سان کيڏڻ جو لائسنس ڏيڻ جي برابر آھي، ھڪ شخص جلسن ۾ سائفر  ڏيکاريندو رھيو، آڊيو اچي ٿي تھ اسان کي اُن تي کيڏڻو آھي، پر پوءِ اُن کي رليف ڏنو وڃي ٿو، آخر ايئن ڇو آھي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.