بجلي جي في يونٽ ۾ هڪ روپيو 90 پئسا مهانگي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ )  بجيٽ کان اڳ بجلي صارفين تي 46 ارب  61 ڪروڙ روپين جو اضافي بار وڌو ويو آهي جون جي لاءِ في يونٽ  بجلي هڪ روپيو 90 پئسا مهانگي ڪئي وئي.رپورٽ موجب نيپرا ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي جي قيمت ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جون جي لاءِ في يونٽ بجلي هڪ روپيو 90 پئسا مهانگي ڪئي وئي جڏهن ته جولاءِ ۽ آگسٽ جي لاءِ في يونٽ بجلي جي قيمت ۾ 93 پئسن جو اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صارفين کان اضافي وصوليون جون کان آگسٽ 2024 ۾ ڪيون وينديون، اضافو هلندڙ مالي سال جي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ ڪيو ويو آهي.ان کان اڳ نيپرا بجلي جي قيمت ۾ اضافي جو فيصلو وفاقي حڪومت ڏانهن اماڻيو هو. ياد رهي ته پهرين جون تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) ته ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪراچي سميت سموري ملڪ جي بجلي صارفين لاءِ قيمتن ۾ 3 روپيه 76 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي هئي. رپورٽ موجب هلندڙ مهيني جون ۾ 2 مختلف ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ گڏ ٿي وينديون جنهن سان بجلي جي في يونٽ وڌ کان وڌ قيمت 65 روپين تائين پهچي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.