ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي سنڌ ايڪشن ڪميٽي کي سنڌ حڪومت پاران صحافين جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي، ڪالهه سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي وفد ڪنوينيئر مظهر عباس جي سربراهي ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان اهم گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر اويس قادر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ به موجود هئا، ان موقعي تي آءِ جي پوليس بريفنگ ڏيندي چيو ته صحافين، عزيز ميمڻ، جان محمد مهر، منير سانگي ۽ نصرالله گڏاڻي جي ڪيسن ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، جان محمد مهر جي قاتلن جي ويجهو پهچي ويا آهيون، پوليس لاءِ سستي جو تاثر ڏيڻ درست نه آهي، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته جان محمد مهر ۽ ٻين صحافين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري چئلنج کان گهٽ نه آهي، جوابدارن جي اڃا تائين گرفتار نه ٿيڻ تي صحافين جي خدشن سان اتفاق ڪيان ٿو، هن چيو ته سنڌ سرڪار جلد جوابدارن جي گرفتاري چاهي ٿي، روزاني جي بنياد تي رپورٽ ورتي وڃي ٿي، ان کان اڳ سنيئير صحافي مظهر عباس صحافين جا خدشا پيش ڪندي چيو ته جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته ايڪشن ڪميٽي وڌيڪ سخت احتجاج سڏ ڏيندي.