ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ ۾ جيئي سنڌقومي محاذ (بشيرخان قريشي گورپ )۽ جيئي سنڌمحاذ (رياض چانڊيو گروپ ) پاران شهيدصحافي نصرالله گڏاڻي کي ڀيٽاپيش ڪئي وئي،والي ڏنوسنڌي ۽ حفيظ مگسي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر صحافين کي چونڊي نشانو بڻايووڃي پيو اسين پنهنجي صحافي دوستن جا جنازا ڪيستائين کڻنداسين، هنن چيو ته پ پ ۽ ڀوتارسڀ شهادتن ۾ برابر جا ڀاڳي ڀيوارآهن ڪامريڊ عباس باجڪاڻي ۽ گهايل سنڌي چيوته شهيد نصرالله گڏاڻي جي شهادت ۾ ميرپورجي ڀوتارن جو هٿ آهي اسين رياست کان مطالبو ڪيون ٿاته سنڌجي صحافين کي تحفظ ڏنو وڃي.