خيرپور يونيورسٽي جو رجسٽرار معطل، نوٽيفڪيشن جاري

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+ شاهد نواز سيال) شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي جي رجسٽرار نظير مڱڻيجو کان رجسٽرار جي چارج واپس ٺندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وائيس چانسلر پاران رجسٽرار کي ھٽائن واري آرڊر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته رجسٽرار نظير منڱڻيجو پنھنجي اختيارن جو غلط استعمال ڪيو ۽ بغير اجازت فيصلا ڪيا . فزڪس اينڊ اليڪٽرونڪس ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين فرمان علي منگي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي شاگردن جا پيپر جاري رکندي چيو آهي ته يونيورسٽي جون موڪلون 8 جون کان شروع ٿي رهيون آهن، رجسٽرار وائيس چانسلر کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ 3 جون کان غيرقانوني موڪلن جو اعلان ڪيو ۽ شاگردن جا پيپر منسوخ ڪيا، جيڪو تعليم دشمن عمل آهي ۽ مان ان ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين آهيان ۽ سرڪاري ملازم آهيان. اختيارين ان ڪري شاگردن جا پيپر رد نه ڪيا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.