نئين مقرر ٿيل رجسٽرار کي يونين اڳواڻن چارج وٺڻ نه ڏني، واپس روانو

خيرپور: جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سوين ملازمن پاران شاھه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر خليل احمد ابوپوٽو جي  مقرري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اخٿيار گھمرو، مراد پيرزادو، منير شاهه راشدي، حسام الدين، حاڪم ڦلپوٽو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران وائيس چانسلر کي هٽائڻ تائين پرامن احتجاج جاري رکيو ويندو، ٻئي طرف يونيورسٽي جي رجسٽرار نذير احمد مڱڻيجو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وائيس چانسلر جي غير اخلاقي وڊيو سامهون اچڻ بعد کيس ڊگهي جبري موڪل تي روانو ڪيو ويو۽ موڪل جو گڏيل طور تي فيصلو ڪيو آھي جيڪو قانوني عمل آھي. هوڏانهن وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو فزڪس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي منگي کي ايمرجنسي جي بنيادن تي 60 ڏينھن لاءِ يونيورسٽي جو رجسٽرار مقرر ڪري ڇڏيو آھي. يونين اڳواڻن نئين مقرر ٿيل رجسٽرار پروفيسر فرمان منگي کي رجسٽرار جي عھدي جي چارج وٺڻ نه ڏني، رجسٽرار ايڊمن کان واپس روانو ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.