ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ اينٽي ٽائفائيڊ ميگا مهم ۾ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي. ڪراچي ضلعي سينٽرل مان اي پي آءِ کي موڪليل 227 سپروائيزرن جي لسٽ ڪوڙي نڪتي، جنهن ۾ شامل ماڻهن جي بئنڪ اڪائونٽس ۾ ٽرانسپورٽيشن جي مد ۾ مجموعي طور تي 3 ڪروڙ، 88 لک، 80 هزار رپيا منتقل ڪرڻا هئا. هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته اي پي آءِ کي موڪليل 227 ماڻهن جي لسٽ ۾ صرف 11 سپروائيزر شامل هئا. ٻين جو ٽائفائيڊ خلاف مهم سان ڪو به واسطو ناهي.