هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ 65 ارب رپيا بحال

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت پاران مالي سال 25-2024 جي لاءِ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ 65 ارب رپيا بحال ڪري ڇڏي آهي،وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر مختيار احمد ميڊيا کي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ 25 ارب رپيا گهٽتائي جو فيصلو واپس وٺي 65 ارب رپيا بحال ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن صوبن جي يونيورسٽين کي معمول وانگر فنڊز ڏئي سگهندي.ان حوالي سان ناڻي واري وزارت طرفان چيئرمين هائير ايجوڪيشن کي خط به لکيو ويو آهي.اهڙي طرح پلاننگ ڪميشن هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ترقياتي بجيٽ 59 ارب رپيا به بحال ڪئي وئي آهي جيڪا گهٽائي 21 ارب رپيا ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.