بڊاڻي مان هٿياربند پورهيت کي اغوا ڪري ويا

بڊاڻي (ن ع آ )  بڊاڻي مان رات نامعلوم هٿياربند برف ڪارخاني تي ستل مستري سراج پنجابي کي اغوا ڪري ويا، بڊاڻي ٿاڻي جي حد  بازران پوليس پڪٽ ڀرسان رات جو دير سان هٿياربندن حملو ڪري برف ڪارخاني تي ستل برف ڪارخاني جو مستري پنجاب واسي سراج احمد کي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا ، اهڙي اطلاع بعد مياڻي پوليس جاءِ واردات تي پهچي ڌاڙيلن جو پيڇو ڪيو پر ڌاڙيل مستري سراج پنجابي کي کڻي ڪچي طرف فرار ٿي ويا ، برف ڪارخاني تي ستل ٻين مسترين جو چوڻ آهي ته رات جو دير سان 8 هٿياربندن برف ڪارخاني تي حملو ڪري سراج احمد کي اغوا ڪري ويا ۽ موبائيل فون سميت ٻيو سامان به کڻي ويا آهن ، هنن آءِ جي، سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته اغوا ٿيل مستري سراج پنجابي کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.