پي ٽي آءِ پارٽي چونڊون ڪرائي ها ته مسئلو حل ٿي وڃي ها: چيف جسٽس\سياسي پارٽي کان چونڊ نشان کسڻ تڪرار جو ڪارڻ بڻيو: جسٽس منيب اختر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائي ها ته سمورا مسئلا حل ٿي وڃن ها. جسٽس منيب اختر چيو ته سياسي پارٽي کي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ سموري  تڪرار جو سبب آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز  عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس سيد منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، محمد علي مظهر، عائشه ملڪ، اطهر من الله، سيد حسن اطهر رضوي، شاهد وحيد، عرفان سعادت خان ۽ نعيم اختر افغان فل ڪورٽ جو حصو آهن. سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته ڪالهه مون کي ڪجهه بنيادي قانوني سوال فريم ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو.  گذريل ڏينهن جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو هو ته پي ٽي آءِ پارٽي طور اليڪشن ڇو نه وڙهي؟  سلمان اڪرم راجا ان لاءِ درخواست ڏني هئي جيڪا منظور نه ڪئي وئي. فيصل صديقي عدالت کي ٻڌايو ته سني اتحاد ڪائونسل اليڪشن نه وڙهڻ ۾ ڪو به تضاد ناهي، اهو ئي سبب آهي ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ لسٽ پهرين جمع نه ڪرائي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اهو هڪ ڀيرو ورجايو. جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته فيصلا پارليامينٽ ۾ پارلياماني پارٽي ڪندي آهي . جسٽس منيب اختر چيو ته حلف کڻڻ کان اڳ آئين جي آرٽيڪل 51 ۽ مخصوص سيٽن جو معاملو آهي، جيڪڏهن ميمبر حلف کڻندا ته پوءِ پارلياماني پارٽي وجود ۾ ايندي، ان موقعي تي پارلياماني پارٽي جو ذڪر ڪرڻ مناسب نه هوندو. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آزاد اميدوار اهو آهي جنهن جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان واسطو نه هجي، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته جيڪڏهن ڪو نامزدگي ڪاغذن ۾ پاڻ کي پارٽي اميدوار قرار ڏئي ٽڪيٽ جمع ڪرائي ته ان کي پارٽي اميدوار سمجهيو ويندو. پارٽي جو اميدوار اهو هوندو جيڪو حلف نامو ڏيندو ته هو ڪنهن به سياسي پارٽي سان لاڳاپيل ناهي.  جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اها ڳالهه ڪالهه کان ٻڌائي رهيو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جا ڪامياب ماڻهو سني اتحاد ۾ شامل ٿيا، پارٽي ۾ رڳو آزاد اميدوار شامل ٿي سگهن ٿا. جسٽس عائشه ملڪ پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪهڙي بنياد تي اميدوارن کي آزاد قرار ڏنو، اليڪشن ڪميشن اميدوارن کي آزاد تسليم ڪري چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏني. جسٽس منيب اختر چيو ته سياسي پارٽي کي چونڊ نشان کان محروم رکڻ ئي تڪرار جو سبب بڻيو، سپريم ڪورٽ چونڊ نشان واپس وٺڻ جو فيصلو برقرار رکيو هو. جسٽس منيب اختر رمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ کان اڳ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو، قانوني غلطين جو سمورو سلسلو هتي کان شروع ٿيو . چيف جسٽس چيو ته اسان نه چيو هو ته انٽرا پارٽي اليڪشن نه ڪرايو.  جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا ته اصل اسٽيڪ هولڊر ووٽر آهي جيڪو اسان جي سامهون ناهي.  پي ٽي آءِ مسلسل برابري جي ميدان نه ملڻ جي شڪايت ڪندي رهي.  جنهن تي چيف جسٽس چيو ته شڪايت اسان جي سامهون ناهي.  جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان بنيادي حقن جا محافظ آهيون.  هڪ پارٽي کي سڄي رياستي مشينري دٻائي رکيو، سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ڏيکارڻ مناسب ناهي. سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد قرار ڏئي ڇڏيو.  جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته عدالت کي قانون موجب هلڻو آهي نه ته اليڪشن ڪميشن موجب، اليڪشن ڪميشن جي فيصلن کي روز عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو آهي. فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ بيٽ جي نشان واري فيصلي جي وضاحت ٻڌائي ها ته سڀ مسئلا حل ٿي وڃن ها، چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ عوام کي جمهوري حق کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن سڀ سچ ڳالهائڻ لڳن ته ڏاڍي تلخ آهي، چيف جسٽس چيو ته مان ته سچ ڳالهائيندو رهيو آهيان. جسٽس منيب اختر چيو ته نامزدگي ڪاغذ پي ٽي آءِ اميدوار طور منظور ٿيا ۽ ماڻهو چونڊجي ويا، اليڪشن ڪميشن رولز ڪيئن پي ٽي آءِ اميدوارن کي آزاد قرار ڏئي سگهن ٿا، چونڊ نشان هڪ هجي يا نه اهو الڳ بحث آهي پر اميدوار پارٽي جا ئي تصور ٿيندا. چيف جسٽس چيو جيڪڏهن اهي 77 ماڻهو سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل نه ٿين ها ته پوءِ مخصوص سيٽن جو ڇا ٿئي ها؟ آزاد اميدوار سني اتحاد ۾ نه وڃن ها ته پي ٽي آءِ لاءِ سٺو هجي ها.  فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ بيٽ جي نشان واري فيصلي جي وضاحت ڪري ها ته سمورا مسئلا حل ٿي وڃن ها.  چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائي ڇڏي ها ته سڀ مسئلا حل ٿي وڃن ها.  جسٽس منصور علي شاهه چيو ٻه سياسي جماعتون پنهنجي کٽيل سيٽن جي شرح سان ئي مخصوص سيٽون وٺنديون، باقي سيٽن جو ڇا ٿيندو اهو پوءِ ڏٺو ويندو، اهو نٿو ٿي سگهي ته انهن ئي سياسي جماعتن کي واڌو سيٽون به ورهايون وڃن، ائين ڪرڻ سان نمائندگي جي شرح جو اصول ڪاڏي ويندو.   چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان بيٽ جو گهٽ ۾ گهٽ نشان گهري ها ته سپريم ڪورٽ بعد ۾ ڏسي ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.