اسلام آباد(عمران شفقت) پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته سپريم ڪورٽ ”نظريه ضرورت“ کي زندهه ڪري،جسٽس منيب اختر سنڌ جي ڊوميسائل تي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ٿيل آهي، جسٽس منيب اختر عمران خان جي محبت ۾ بيٽ جي نشان تي رمارڪس ڏئي وڏو حملو ڪيو آهي، هن رمارڪس ڏنا ته اسان اليڪش ڪميشن جي رٻڙ اسٽيمپ بڻجي بيٽ جي نشان واري فيصلي تي ٺپو هڻي ڇڏيو،سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن ۾ ويٺل ڪجهه جج چاهين ٿا ته عمران خان ٻيهر اقتدار ۾ واپس اچي وڃن.
-
نيوي جي 5 آفيسرن جي موت واري سزا تي عمل روڪڻ جو حڪم
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان نيوي جي 5 اڳوڻن آفيسرن کي جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي ڏنل موت جي سزا تي عمل روڪيندي حڪم ڏنو آهي ته ڄاڻايل درخواست تي عدالتي فيصلي تائين نيوي جي اهلڪارن کي ڏنل سزائن تي عمل نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته نيوي ٽربيونل نيوي گرفتار ڪيل 5 نيوي اهلڪارن کي 2016 ۾ ڊاڪ يارڊ حملي ۽ نيوي قيادت خلاف سازش جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي هئي. انهن آفيسرن ۾ ليفٽيننٽ محمد حماد، ليفٽيننٽ ارسلان نذير ستي، ليفٽيننٽ حماد احمد خان، سب ليفٽيننٽ محمد عرفان الله ۽ محمد طاهر رشيد شامل آهن. ڪراچي ۾ نيوي ڊاڪ يارڊ تي سيپٽمبر 2014ع ۾ حملو ٿيو هو، جنهن جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان قبول ڪئي هئي