ڪشمور ۾ ڌاڙيلن جو پوليس اهلڪارن مٿان حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 2 زخمي

ڪشمور/ڪنڌڪوٽ/ميهڙ (نمائندن و ٽان) ڪشمور ضلعي جي گيھلپور ٿاڻي جي پوليس چيڪ پوسٽ شھيد حدي ڊومڪي تي ڏوهارين ڪاھه ڪري ڏني، اھلڪارن مٿان سڌي فائرنگ دوران ڪڪڙ واسي نوجوان پوليس  اهلڪار عبدالعزيز برھماڻي ٿڏي تي شھيد ٿي ويو ۽ سندس مامو شھمير برھماڻي ۽ ساٿي اھلڪار مولا بخش کوسو زخمي ٿي پيا، حملو ڪندڙ ڏوھاري پوليس چوڪي تان ھڪ ڪليشنڪوف ۽ چار رائفلز سميت گوليون کڻي آساني سان فرار ٿي ويا، هوڏانهن زخمي پوليس اهلڪارن ٻڌايو ته اسان وٽ ناقص ھٿيار ھئا جيڪا نه ھلي سگهيا، ڪشمور پوليس بيڪ سپورٽ نه ڏني جنهن ڪري نقصان رسيو، شھيد پوليس اهلڪار عبدالعزيز برھماڻي جو مڙهه پ ڪنڌڪوٽ پوليس ھيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو ويو جتي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، شھيد اهلڪار جو مڙھه ڪڪڙ ويندي ميھڙ ۾ پوليس جي وڏن جٿن ڊي ايس پي ميھڙ يونس رودناڻي، ايس ايڇ او منظور مستوئي، الاھي بخش زرداري، عبدالرحمان چانڊيو، ون فاءِ انچارج فقير محمد برھماڻي جي اڳواڻي ۾ ميھڙ سي اين جي وٽ شاندار استقبال ڪري سلامي ڏني وئي. ھوڏانھن شھيد پوليس اھلڪار جو مڙهه ايمبولينس ذريعي ڪڪڙ لڳ ڳوٺ فقير محمد برهماڻي نيو ويو. جتي تدفيق ٿيندي. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي پوليس ڏوهارين سان مهاڏو اٽڪائيندي لازوال وڏيون قربانيون ڏنيون آهن.پوليس اهلڪارن جي رت جو پلاند ڪيو ويندو. هوڏانهن پوليس اهلڪارن شهيد پوليس اهلڪار جي جاءِ واردات تان وڊيو وائرل ڪندي دعائون گهريون ته اهڙي شهادت اسان جي آفيسرن کي نصيب ٿئي. پوليس اهلڪارن پاران اهڙي وڊيو وائرل ڪرڻ بعد پوليس جي اعليٰ آفيسرن مٿان ڇتي تنقيد جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.