ڪراچي / ميرپورماٿيلو (پ ر+ پريم راٺوڙ)صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي وارثن کي علي شيخاڻي پاران اعلانيل رقم ھڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڳوٺ قبول خان گڏاڻي پھچايو ويو، ڊي سي گهوٽڪي محمد علي، جي ڊي سي جي ظفر عباس ۽ صحافي وقار لغاري پاران رقم پهچائي وئي، اعلانيل هڪ ڪروڙ رپين مان 10 لک رپين جو چيڪ شهيد جي امڙ ۽ 90 لک رپين جو چيڪ شهيد جي بيواهه حوالي ڪيو ويو، جنهن تي شھيد جي وارثن علي شيخاڻي، جي ڊي سي اڳواڻ ظفر عباس ۽ صحافي وقار لغاري جا ٿورا مڃيا.