ميرپورماٿيلو(پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي عدم گرفتاري لاءِ علامتي بک هڙتالي ڪيمپ چوٿين ڏينهن به جاري آهي صحافي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين علامتي بک هڙتال ۾ شامل ٿي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي خون سان انصاف ڪيو، سردار مائي فٽ، ايس ايس پي گهوٽڪي کي ھٽايو جا نعرا هنيا تفصيل موجب ميرپورماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل اڃان تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا، جڏهن ته ميرپورماٿيلو جي صحافين، سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي پريس ڪلب ويجهو مختيارڪار آفيس اڳيان علامتي بک هڙتالي لڳل ڪيمپ کي اڄ چوٿين ڏينهن به جاري آهي پر ايس ايس پي گهوٽڪي جي ڪن تي جون به نه چُري،ڪيمپ ۾ شامل صحافين، برڪت ميراڻي،ثاقب گڏاڻي، پريم راٺوڙ،ممتاز آرائين، طفيل رند،شبير ڀٽي، وقار بوزدار،پ پ پ شهيد ڀٽو يوٿ ونگ اڳواڻ سعيد بوزدار، ۽ ٻين چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا قاتل نه ٿيڻ تي افسوس ٿئي ٿو ته ڏينهن ڏٺي جو شھر ۾ صحافي کي گولين جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو جنهن کي شھيد ٿئي 13 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ايس ايس پي گهوٽڪي پاران اڃا تائين ڪائي گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي،ان موقعي تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي ثاقب گڏاڻي،برڪت ميراڻي، پريم راٺوڙ جو چوڻ هو ته صحافي نصرالله گڏاڻي کي حق سچ لکڻ ۽ چوڻ تي بي گناھ طاقت ور ڌرين پاران قتل ڪرايو ويو آهي، انھن اعلان ۾ چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پاران ايندڙ خميس 6 جون تي ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس آڏو نيشنل ھاء وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بند ڪيو ويندو.