چونڊن ۾ ايجنسيون، بيوروڪريسي ۽ اڌ عدليه اسان جي خلاف هئي:راهول گانڌي

نئين دهلي ( م ڊ ) ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي چيو آهي ته چونڊ نتيجن مودي کي عوام طرفان وڏو پيغام ڏنو آهي ته اسان مودي نٿا  چاهيون .ڀارت ۾ لوڪ سڀا جي چونڊن ۾ ووٽن جي ڳڻپ دوران ڪانگريس هيڊڪوارٽر ۾ ڳالهائيندي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ راهول گانڌي چيو ته اسان هي اليڪشن هندستان جي سموري گورننس سسٽم خلاف وڙهيو آهي، اسان جي ويڙهه ملڪ جي آئين کي بچائڻ لاءِ هئي، حڪومت اپوزيشن خلاف ڪارروائيون ڪيون،نئين دهلي جي وڏي وزير کي جيل ۾ وڌو ويو. . راهول گانڌي چيو ته اسان هي اليڪشن نه رڳو بي جي پي جي خلاف وڙهيو پر سڄي رياستي مشينري خلاف وڙهيو آهي، ڳجهي ايجنسين، بيوروڪريسي ۽ اڌ عدليه به اسان جي خلاف هئي. هن چيو ته بي جي پي پارٽين کي ٽوڙيو، وڏي وزيرن کي جيل ۾ وڌو ۽ هر حڪمت عملي استعمال ڪئي پر ڪانگريس اڳواڻن متحد ٿي حڪومت خلاف چونڊون وڙهيون آهن، راهول گانڌي چيو ته چونڊ نتيجن بعد مودي کي عوام طرفان وڏو پيغام ڏنو ويو آهي ته اسان هاڻ مودي کي نٿا چاهيون.راهول گانڌي چيو ته هندستان کي بچائڻ جو ڪم غريب عوام، مزدورن ۽ هارين ڪيو آهي، هندستان جا ڪمزور ماڻهو هندستاني آئين کي بچائڻ لاءِ بيٺا آهن.هن چيو ته مان پهريان ئي چيو هو ته هي اليڪشن مودي بمقابله عوام آهي، اهي نتيجا حڪمران پارٽي جي وڏي شڪست آهن، اهي نتيجا مودي کي شڪست آهي ۽ اهي نتيجا ڀارت جي جمهوريت جي فتح آهن. .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.