يورپ جي دنيا اھا دعويٰ تھ ڪري ٿي تھ اتي جي عورت گھڻي آزاد آھي ان باوجود اوڀر جي ايشيا واري ڀاڱي ۾ عورتن جو سياسي ميدان ۾ ڪردار گھڻو اھم آھي.جنھن لاءِ ھندستان،پاڪستان،بنگلاديش ۽ برما جا مثال پيش ڪري سگھجن ٿا.تازو ميڪسيڪو ۾ آچر ڏينھن تي ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ھڪ عورت ملڪ جي پھرين صدر چونڊجي تاريخ رقم ڪئي آھي. نئين صدر ڪلاڊيا شين بام ،نارٿ آمريڪا ۾صدارتي چونڊ ۾ سوڀاري ٿيندڙ پھرين عورت آھي. سندس تعلق هڪ يهودي خاندان سان آهي ۽ هن جو ڏاڏو ۽ ڏاڏي 1930 ۾ نازي ظلمن کان فرار ٿي بلغاريا ڇڏي ميڪسيڪو لڏي آيا ھئا.
نئين صدر عورت بنيادي طور تي موسمياتي سائنسدان آهي، هن 1995 ۾ميڪسيڪو نيشنل يونيورسٽي مان انرجي انجنيئرنگ ۾پنهنجي ڊاڪٽريٽ ڪئي ھئي. پنهنجي ٿيسز تيار ڪرڻ لاءِ، هن ڪجهه وقت آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي ۾ گذاريو ھو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾، هن تعليمي پاليسين ۾ حڪومتي مداخلت خلاف احتجاجن ۾ پڻ حصو ورتو ھو.تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي ڪئرير جي شروعات پڙھائڻ سان ڪئي.بعد ۾ گڏيل قومن جي بين الاقوامي حڪومتي پينل تي موسمياتي تبديلي تي ڪم ڪيو. پينل بعد ۾ ھن کي پڻ اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ال گور سان گڏيل نوبل امن انعام سان نوازيو ويو.
هوءَ 2000 ۾ ميڪسيڪو جي سياسي ميدان ۾ تڏھن داخل ٿي جڏهن هن ميڪسيڪو سٽي جي نئين ميئر، اينڊرس مينوئل لوپز اوبراڊور لاءِ ماحول جي سربراهه طور خدمت انجام ڏني.ان کان پوءِ ھن 2018 ۾ ميڪسيڪو سٽي جي پهرين عورت ميئر بڻي، جيڪو مضبوط سيڪيورٽي طور مشهور آهي.هن پنھنجي حڪومت ۾ صنفي پاليسين جي کوٽ ۽ عورتن جي خلاف طاقت جي اجائي استعمال خلاف تنقيد ڪئي ۽ احتجاج نوٽ ڪرائيندي رھي.پنهنجي صدارتي مهم دوران شين بام چيو ھو تھ اسان تبديلي آڻيون ٿا. اسين اھي ويڙھاڪ آهيون جيڪي ٻين عورتن لاءِ رستا کولين ٿيون. ميڪسيڪو تي ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي تائين مردن جي حڪمراني رھي آهي، جڏهن ته عورتن کي 1953 کان ووٽ ڏيڻ جو حق مليو آهي ۽ قانون انهن کي ڪنھن عوامي عهدي رکڻ کان نھ روڪيو آھي.
عورتون سينيٽ، سپريم ڪورٽ ۽ نيشنل اليڪٽوريل انسٽيٽيوٽ ۾ بھترين خدمتون انجام ڏين ٿيون.شامل آهن. 32 رياستن ۾ 10 عورتون گورنر آهن.اڳوڻي صدر لوپز اوبراڊور جي چونڊ واري سال جي خرچن ۾خاصي واڌ ڪئي ھئي.ھاڻي پنھنجي صدارت جي مدي دوران شين بام کي مھم وقت سماجي پروگرامن بابت ڪيل واعدن تي عمل ڪرڻو پوندو، جڏھن تھ بجيٽ جو خسارو 1980 جي ڏهاڪي کان وٺي بلند ترين سطح تي پهچي چڪو آهي.آچر تي ٿيل چونڊن دوران پولنگ سينٽرن تي تشدد جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا هئا. پارلياماني چونڊ مهم دوران اڳ ۾ ئي 38 اميدوار مارجي ويا هئا.