ايم آر ڊي جو هيرو شھيد غلام عباس چانڊيو

تحرير: قاسم خاصخيلي

شھيد غلام عباس چانڊيو جو نالو سنڌ جي هر باشعور ذھن تي نقش ٿيل هوندو ڇو ته هي سنڌ جو هي نوجوان هڪ اهڙو ڪردار رهيو آھي جيڪو نه رڳو بهادري ۾ پنهنجو مثال پاڻ ھيو پر 1983 ۾ ان وقت جي هڪ ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق خلاف جهموريت جي بحالي لاءِ شروع ٿيل ايم آر ڊي نالي هڪ تحريڪ جو مک ڪردار پڻ رھيو آھي، جنهن جي سرواڻي ۾ 29 سيپٽمبر 1983 تي سڪرنڊ لڳ ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي 16 ڳوٺاڻن آمريت سان مهاڏو اٽڪائي شھادت ماڻي هئي جيڪي ڪردار تاريخ ۾ امر بنجي ويا، شھيد غلام عباس چانڊيو پاڻ به ان تحريڪ دوران پنهنجي والد مرحوم پنهل خان چانڊيو ۽ پنجاھ کن ڳوٺاڻن سميت گرفتار ٿي جيل جو سختيون برداشت ڪري چڪو هو.

هن نوجوان سڪرنڊ لڳ ڳوٺ الھ بخش چانڊيو ۾ ايم آر ڊي جي هيرو ۽ علائقي جي نهايت ئي بردبار زميندار پنهل خان چانڊيو جي گهر ۾ 1960 ڌاري جنم ورتو، هي ڇهن ڀائرن ۽ ٻن ڀيڻن ۾ ٽئين نمبر تي هوندو هو، بنيادي تعليم سڪرنڊ ۽ نوابشاھ مان حاصل ڪرڻ بعد غلام عباس شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌيءَ ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي، سندس خاندان جي سياسي وابستگي پيپلز پارٽي سان هئڻ سبب هن به سياست ۾ پير پائي پاڻ ايم آر ڊي جي هلچل ۾ ڀرپور حصو ورتو، جڏهن ته آڪٽوبر 1983 جي بلدياتي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري غلام عباس پنهنجي مضبوط آواز وسيلي ڀرپور احتجاج ريڪارڊ ڪرايو، غلام عباس چانڊيو کي 1988 ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاران ان وقت جي ضلعي نواب شاھ ۾ پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته 24 جنوري 1989 تي هن کي وزير اعلي سنڌ جو صلاحڪار پڻ مقرر ڪيو ويو، جنهن منصب تي هن مسڪينن ۽ پورهيتن جي خدمت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

1990 ۾ پي پي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ وري اليڪشن ٿي جنهن کان پوءِ نوازشريف جي وفاقي حڪومت دوران سنڌ ۾ سنڌ جي وزيراعلي ڄام صادق علي جي حڪومت ۾ هن کي سنگاپور جهاز هاءِ جيڪنگ جي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ڪراچي جيل ۾ قيد ڪيو ويو جتان 9 مارچ 1993 تي جوڀن جا چار سال جيل ۾ گذارڻ بعد آزاد ٿي ريل گاڏي رستي ڪراچي کان نواب شاھ ريلوي اسٽيشن تي  پهتو ته هن جو تاريخي استقبال ڪري کيس هزارين ماڻھن جي وڏي جلوس ۾ ڳوٺ آندو ويو، هن تي مخالف دؤر ۾ تمام گهڻيون سختيون آيون پر هي ثابت قدمي سان سياست کي ايمان سمجهي خدمت ڪندڙ نوجوان ثابت ٿيو هيو، جنهن ڪڏهن به همت نه هاري ۽ ڪنهن به ظالم اڳيان جهڪڻ کي قبول نه ڪيو، هن زندگي ۾ وس آھر ڀرپور عوامي خدمت ڪئي جنهن کي علائقي جا ماڻھو اڄ به ياد ڪن ٿا.

مرحوم غلام عباس چانڊيو جي 12 مئي 1993 تي ڪراچي جي هڪ سنڌي پٺاڻ فيملي مان شادي به ٿي هئي سندس شادي جو ڪاڄ ان وقت ضلعي نواب شاھ جي تاريخ جو وڏو ڪاڄ ليکيو ويندو هو جنهن ۾ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ملڪ جي موجوده صدر آصف علي زرداري سميت ملڪ جي ناميارين سياسي سماجي ادبي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي هئي، بدقسمتي سان غلام عباس چانڊيو شادي جي صرف 23 ڏينهن دوران پنهنجي قائد محترمه بينظير ڀٽو جي گهرائڻ تي 5 جون 1993 تي گهر کان ڪراچي لاء گاڏي تي روانو ٿيو ته سڪرنڊ لڳ پيرذاڪري وٽ سندس گاڏي کي هڪ بس ٽڪر هنيو جنهن روڊ حادثي ۾ مسڪين پورهيتن ۽ ورڪرن جو ساٿي محترمه بينظير ڀٽو جو سچو سپاهي غلام عباس چانڊيو ان حادثي ۾ پنهنجي ڊرائيور رسول بخش چانڊيو ۽ پي اي پيرل چانڊيو سميت شھيد ٿي ويو، سندس وفات تي سڪرنڊ سميت سڄي سنڌ ۾ سوڳ واري ڪيفيت ڇانئجي وئي جنازي نماز ۾ ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي جڏهن ته سندس جنازي نماز درگاھ پيرذاڪري جي گادي نشين سيد احمد شاھ جي خليفي مرحوم سائين سيد ابراهيم شاھ جن پڙھائي کيس پنهنجي والد مرحوم پنهل خان چانڊيو جي ڀر ۾ ڳوٺ جي راهو رتول قبرستان ۾ دفنايو ويو.

غلام عباس چانڊيو جيڪو شھيد بينظير ڀٽو جي ڀروسي جوڳن ساٿين مان هڪ هيو ان ڪري هوءَ مٿس اعتماد رکندي هئي، سندس وڇوڙي تي محترمه بينظير ڀٽو به گهڻي غمزده ٿي هئي جڏهن ته هوءَ وقت بوقت سنڌ جي دوري دوران ڪيئي ڀيرا سندس ڳوٺ پڻ آئي هئي، شھيد محترمه بينظير ڀٽو هن خاندان تي ڀرپور اعتماد ڪندي هئي غلام عباس جي وڇوڙي کان پوءِ هن غلام عباس جي  ڀاءُ غلام قادر چانڊيو کي اڳتي آندو جيڪو اڄ به پي پي سان ساڳي ئي وفاداري سان نينهن جو ناتو نڀائڻ سبب هڪ ڀيرو سينيٽر ۽ لڳاتار پنجون ڀيرو ايم پي اي ٿي اڄ به عوامي خدمت ڪري رهيو آھي جنهن سبب عوامي ايم پي اي جو لقب ماڻي سنڌ ۾ ڪامياب پارليامينٽرين ثابت ٿيو آھي، سڪرنڊ جي ماڻھن کي ڄڻ ته غلام قادر مان شھيد غلام عباس جي خوشبوءِ ايندي آھي هو پڻ غلام عباس وانگر عام پورهيتن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي خدمت جي جذبي سان سرشار عوامي نمائيندو سڏجي ٿو.

اڄ غلام عباس چانڊيو جي وڇوڙي کي 31 سال گذري ويا آھن پر پنهنجي علائقي واسين جي دلين ۾ اڄ به زنده آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.