ڪراچيءَ ۾ ٽي جون 2024ع تي پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ اين سي ايڇ ڊي ۽ بي اي سي ايس استادن پاران احتجاجي مظاهري تي رياستي ڏاڍ ۽ جبر جا منهن کولي ڇڏيا. جنهن ڪري ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا. ۽ ڪيترائي استاد گرفتار پڻ ڪيا ويا. انهن جو ڏوھ فقط ايترو هو، ته هو پنهنجي جائز حقن ماڻڻ لاءِ پريس ڪلب ڪراچيءَ تي پنهنجو احتجاج ڪري رهيا هئا. ۽ سنڌ سرڪار کان پنهنجا حق گھري رهيا هئا.
واضح ڪندوهلان ته نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) 2002ع ۾ بنيادي تعليم ۽ صحت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ قائم ڪئي ويئي. جنهن تحت پاڪستان جي 134 ضلعن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. اسان جي سهڻي سنڌ ۾ پڻ اين سي ايڇ ڊي بنيادي تعليم جي واڌاري لاءِ ڪوششون ورتيون. جنهن تحت سنڌ ۾ بند پيل اسڪولن ۾ پنهنجي طرفان ماهوار وظيفي تي استاد مقرر ڪيا. جن پنهنجن اسڪولن ۾ پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ شروع ڪيون. جن کي تعليمي خدمتون سرانجام ڏيندي 22 سال گذري چڪا آهن. هن وقت کين -/25000 رپيا ماهوار (پگھار) ڏنو پيو وڃي. ۽ کانئن 55 سالن جي عمر تائين خدمتون وٺي، فارغ ڪيو ويندو. ايتروئي نه پر انهن استادن جو ڪوبه مستقبل ۾ ڪو وظيفو يا پينشن يا گريجوئٽي نه هوندي. جيڪا سراسر نا انصافي ۽ اڻ برابريءَ جي برابر آهي. جهڙو انهن ڪنهن ريزڪي دڪان تي مزوري ڪئي هجي. جن کي پڇاڙيءَ ۾ ڪجھ به حاصل نه هوندو آهي. هنن استادن سان گڏ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي اسڪولس (بي اي سي ايس/بيڪس) جا پڻ استاد آهن. جيڪي پڻ اين سي ايڇ ڊيءَ سان سلھاڙيل آهن. جن انهن کي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ ضم ڪري، سنڌ حڪومت حوالي ڪيو ويو آهي.
جيڪي اين سي ايڇ ڊي يا بيڪس جا استاد پنهنجي حياتيءَ جا ڏهن کان ٻاويهن سالن تائين پنهنجي حياتيءَ جا سال ڏئي چڪا آهن. تن جو ايترو حق ته ضرور ٿئي ٿو، ته هنن کي پڪو ڪيو وڃي. جڏهن ته ڪنهن به کاتي ۾ مسلسل ٽي سال نوڪري ڪرڻ واري کي کاتي ۾ پڪي ٿيڻ جو حق حاصل هجي ٿو. ته پوءِ هنن استادن کي ٻاويھه سال گذرڻ باوجود پڪو ڇو نه ٿو ڪري سگھجي.
جهڙيءَ ريت سنڌ سرڪار جي ماتحت تعليم کاتي ۾ پرائمري استادن کي 14 گريڊ ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي. اهڙي ئي نموني هنن استادن کي پڻ مقرريءَ واري تاريخ کان پڪو ڪري، قاعدن ۽ ظابطن موجب مراعاتون ڏنيون وڃن. جن ۾ سندن مقرريءَ کان وٺي، هيستائين جيڪي به تعليمي قاعدا قانون لاڳو رهيا آهن. انهن موجب کين ساليانا اضافا پڻ ڏنا وڃن. هنن استادن کي انهن ئي اسڪولن ۾ نيون سيٽون قائم ڪري، مقرر ڪيو وڃي. ۽ سندن سروس بڪ جوڙي، هن وقت جي قاعدن موجب 14 گريڊ جيڪو هنن جي جائز گھر آهي. تنهن کي پورو ڪيو وڃي. سندن عمر پڻ 60 سال عام ملازمن واري رٽائرمينٽ جي عمر مقرر ڪئي وڃي. رٽائرمينٽ جون اهي سڀ سهولتون ڏنيون وڃن، جيڪي عام پرائمري استادن کي ڏنيون وڃن ٿيون. ته جيئن هنن جي ذهني ڇڪتاڻ گھٽجي سگھي.
سنڌ سرڪار پنهنجي عوام سان جيڪڏهن واقعي سچي آهي، ته سنڌ جي عوام جي تعليم جو اونو ڪندي، هنن اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن کي پڪو ڪري سندن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. ته جيئن سنڌ جا اهي اسڪول جن ۾ اين سي ايڇ ڊي يا بيڪس جا استاد مقرر آهن. سي پنهنجي تسلسل سان هلندا رهن. ۽ اتي جا اڙانگا اسڪول، جيڪي اهي ئي استاد هلائي رهيا آهن. سي مسلسل جاري رهي سگھن. ڇاڪاڻ ته هي اسڪول ناڪاره ۽ بند پيل هئا. جن کي اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن پنهنجي ڪوششن، محنتن ۽ ڳوٺاڻن کي منٿن سان مچايا آهن. جن ۾ هزارين سنڌ جا ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. اهي علمي شعور پراپت ڪري رهيا آهن. جيڪا خوبي کين سماج سڌارڪ ٿيڻ ۾ ۽ معاشري ۾ پنهنجو جوڳو ڪرادار ادا ڪرڻ ۾ معاون ۽ مددگار آهي. تنهن جو صد باب ڪرڻ ڪنهن به طرح سنڌ لاءِ چڱو نه آهي.