طلعت حسين جي ابدي سفر تي ويندي مشڪل سان ھڪ ڏينهن گذريو ھو.ڪنهن پڇيو ” طلعت حسين تنهنجو ھم عمر هو، ڪيئن پيو لڳي؟“ مون چيو ” گھڻو ڪجهھ خالي خالي محسوس ٿي رھيو آھي.”
هو چپ چاپ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. مون چيو. "جن جي ڪري خال محسوس ٿيندو آھي، اهي وري ڪڏهن به موٽي ناھن ايندا. ڪنھن ۾ انھن جهڙو پاڇو نظر ناهي ايندو.“
مان دعويٰ نٿو ڪري سگهان ته طلعت حسين ۽ مان پاڻ ۾ گھرا دوست هئاسين ۽ اسان جون شامون گڏ گذرنديون ھيون. پر اسان جي پاڻ ۾ تمام سٺي دعا،سلام ھئي. اسان ٻئي ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۾ ڪم ڪندا هئاسين. هو آرٽسٽ هو ۽ مان نشر ٿيندڙ پروگرامن تي ريسرچ آفيسر هوس. منهنجو ڪم ڏاڍو دلچسپ هو. مون کي ڏسڻو پوندو هو ته سامعين يعني ٻڌندڙ ڪي پروگرام بي انتھا ڇو پسند ڪن ٿا۽ ڪجهھ پروگرام بنھھ پسند نٿا ڪن ٿا ۽ اھو بھ تھ ماڻهو ڇا ٻڌڻ چاهين ٿا.
طلعت حسين سان منهنجي پهرين ملاقات ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ ٺھندڙ فلم ”مجھي ڀي جيني دو“ جي سيٽ تي ٿي ھئي.سن گھڻو ڪري اڻويهھ سئو سٺ ياايڪھٺ جو هو. فلم ڊارئيڪٽ ڪري رھيو ھو ڊاڪٽر اعجاز يا ان سان ملندڙ جلندڙ نالي وارو ھڪ ڪنهن شخص. اها سندس پهرين اسائنمينٽ هئي. هن ٿياسوفيڪل ھال ڪراچيءَ ۾ منهنجو ڊرامو ”سائبان ڪي نيچي“ ڏٺو هو. اصل ۾ اهو منھنجو لکيل ڊرامو نه هو. مون لي ڊرامي جو اسڪرپٽ پاڪستاني پس منظر ۾ منتقل ڪرڻو ھو. مون کي ڏاڍو عجيب لڳندو ھو، بعد ۾ پتو پيو ته اهو ڊرامو ڪرشن چندرجو لکيل هو، پسمنظر ممبئي هو ۽ ڊرامي جو اصل نالو ’سرائي ڪي باهر‘ هو،ڪردار ممبئي جا هندو مرھٺا هئا. ڊرامو چڱا خاصا ڏينھن هليو هيو. هڪ دفعي ڊرامي ۾ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ آرٽسٽ نھ آيو. ڊائريڪٽر اقبال اي خان مون کي اهو ڪردار ڪرڻ لاءِ چيو. اهو ڊرامو ڊاڪٽر اعجاز ڏٺو. ڊرامي کان پوءِ مون سان مليو. پنھنجي فلم ”مجهي ڀي جيني دو“ ۾ ھڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو. مون معذرت ڪندي چيو ھو ته مان بنيادي طور تي لکاري يعني رائٽرآهيان. مان توهان لاءِ نئين فلم جو اسڪرپٽ تھ لکي سگهان ٿو پر فلم ۾ ڪم نه ٿو ڪري سگهان. ڊاڪٽر صاحب حامي ڀري ورتي. طئي ٿيو تھ فلاڻي ڏينهن فلم اسٽوڊيو ۾ ھن سان ملاقات ٿيندي، مان مقرر وقت تي ايسٽرن فلم اسٽوڊيو پهتس. ڊاڪٽر صاحب فلم جي شوٽنگ جي تيارين ۾ هو.ڪجھھ ڪجھھ پريشان ۽ چڙ چڙو نظر اچي رھيو ھو. شوٽنگ دوران هڪ ڪردار غائب ٿي ويو ھو. مون کي ڏسندي ئي چيو. ”ڀائو، هي ننڍڙو ڪردار ڪريو، ڪجهھ منٽن جو آهي. اسڪڪرپٽ جي باري ۾شوٽنگ بعد ڳالهائينداسين.“منهنجي لاءِ هر سڀ ڪجھه تڙتڪر ۾ ٿي رهيو هو.
تڏھن ريهرسل دوران مون ڏٺو ته منھنجي ڀرسان هڪ نوجوان ويٺل ھو. فلم ۾ شايد اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو.بي انتھا سهڻو ۽ موھيندڙ لهجي ۾ اردو ڳالهائي رهيو هو. آواز ايترو ته سحرانگيز جو سامعين جي توجهه جو مرڪز بڻيل ھو،اھو هو طلعت حسين ۽ اها ھئي ھن ساڻ منهنجي پهرين ملاقات جي ڪٿا، پنجهٺ سال پراڻيون ڳالھيون آھن،ڪي ڳالھيون ياد رھجي ويون آھن،ڪجهه ياديون وسريل،وساريل لڳن ٿيون، مون کي لڳي ٿو سڀ قصا،ڪهاڻيون، ڪٿا جي روايت بڻجي چڪيون آهن.
طلعت حسين سان آخري ملاقات آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ڪنھن عالمي اردو ڪانفرنس ۾ ٿي ھئي. ڪمال جو ماڻھون هو.گفتگو دورانpause ڏئي ڪري ٻئي شخص کي سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. اهڙي خداداد صلاحيت مون ڪنهن ٻئي آرٽسٽ ۾ ناھي ڏٺي.هاڻي جڏهن ھو هليو ويو آهي، مون جھڙن چاھيندڙن کي ڊگھيpause. ۾ ڇڏي ويو آهي.اسان کي سوچڻ تي مجبور ڪري ويو آهي. ھتان کان ھُتي ۽ ھُتان کان اسان ڪيڏانهن ھليا ويندا آھيون ؟ هن دنيا کي الوداع ڪرڻ کان پوءِ، اها پراسرار دنيا ڪٿي آهي، جتي اسان وري نئين سري سان ٻيو گھر ٺاهيندا آهيون؟ نوان رشتا ٺاهيندا آهيون، اسان دوست يار ٺاهيندا آهيون، ھم سفر ۽ ھم نشين ۽ ھم نفس ٺاهيندا آهيون ؟
اسان نٿا ڄاڻون،ڪو نٿو ڄاڻي،ڪا خبر نٿي پئي تھ مرڻ کان پوءِ اسان سان ڇا ٿيندو. هزارين ۽ لکين سالن تي پکڙيل انسان جي تاريخ ۾ ڪو انوکو مثال نه ٿو ملي جنهن ۾ مري وڃڻ وارو واپس اچي، اسان کي ٻڌايو هجي ته مري وڃڻ کان پوءِ هن سان ڇا ٿيو ھو ۽ هن کي ڪهڙن ڪھڙن مرحلن مان گذرڻو پيو ھو.لامحدود جي باري ۾ اسان محدود ڪجھ نٿا ڄاڻون. مرڻ کان پوءِ سڀ ڪجهھ ڳجھو آھي، پراسرار،آھي ،بعيد الفھم آهي.
ناقص،مبهم،ٻڏتر واري سوچ مطابق، اسان سچ،ادنيٰ،خفيف سمجھون ٿا تھ اسان جي مري وڃڻ کانپوءِ اسان جا سڀئي رشتا،ناتا ختم ٿي ويندا آهن.ٽٽي وينداآھن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته ڪجھھ تعلق، ڪجھ نسبتون موت کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏين ها. ماءُ پنھنجي سموري ممتا سان دنياڇڏي ڪري هلي وڃي ٿي.پنھنجي تڙپندڙ ننڍن معصوم ٻارن جي دردناڪ تڙپ کان مجبور ٿي ڪنھن نھ ڪنھن طرح موٽي اچي ھا، پر ائين ٿيندو نھ آهي، هڪ ڀيرو ھلئي وڃڻ کانپوءِ ماءُ موٽي نٿي اچي. سموري شدت جي باوجود، رشتا موت جي چائنٺ تان جدا ٿي ويندا آهن. موت جي چائنٺ جي ھن پار سڀ ڪجهھ پراسرار آهي.
(روزاني جنگ جي ٿورن سان)