ماحوليات جو عالمي ڏينهن ۽ ماحولياتي صحافت

تحرير: ذوالفقار راڄپر

قدرتي ماحول ۽ ان کي تيزي سان پيش ايندڙ خطرن ۽ تحفظ بابت عوامي ۽ رياستي سطح تائين آگهي ڏيڻ لاءِ پهريون دفعو اقوام متحده طرفان 5 جون 1972 ۾اسٽاڪ هوم ۾ماحوليات جي تحفظ ۽ ڄاڻ لاءِ ڪيل فيصلي جي روشني ۾ سال 1973 کان وٺي هر سال 5 جون کي ماحوليات جو عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي، ان لاءِ ملڪن کي خصوصي فنڊ پڻ جاري ڪري کين ان ڳالهه لاءِ به پابند ڪيو ويندو آهي ته اهي پنهنجي ملڪ جي بجيٽ مان هڪ مخصوص حصو پڻ رکي پنهنجي ملڪ کي ماحولياتي گدلاڻ کان تحفظ ڏيڻ لاءِ اپاءَ وٺن ۽ هن وقت تيزي سان موسمياتي تبديلين ۽ وڏن صنعتي ملڪن طرفان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين گئسن جي خارج ٿيڻ ۽ بي پناهه جنگي هٿيارن جي تجربن ۽ استعمال ۽ آسمان ۾ هر روز اڏامندڙ جهازن جي خارج ٿيندڙ دونهين ڪري اوزون تهه کي پهتل نقصان کان وٺي قدرتي جيوءَ، وڻن،ٻوٽن،جيت جڙين جي جياپي کي خطري جي سرحدن تي پهچائڻ جي نقصانن ڪري ماحوليات جو مسئلو هڪ هنگامي ۽ جنگي مسئلو بڻجي ويو آهي.

هر سال اقوم متحده طرفان ماحوليات جي ڏينهن تي هڪ نئون نعرو ڏنو ويندو آهي ۽ هن سال 2024 جي ماحوليات جي ڏينهن جو نعرو ” اسان جي زمين، اسان جو مستقبل “ ڏنو ويو آهي.جنهن جي تفصيل ۾ ” زمين جي بحالي، صحرا ۽ خشڪ سالي “ پيش ڪيو پيو وڃي. عالمي ماحوليات جي ادران موجب ” سال 2000 کان وٺي هن وقت تائين زمين جو 29 سيڪڙو حصو خشڪ سالي جو شڪار ٿي چڪو آهي ۽ سال 2050 تائين ان صورتحال جي موجودگي ڪري زمين ٽئين حصي تائين اها وڌي سگهي ٿي ،. جنهن ڪري زمين جي اڌ آبادي ان جو شڪار ٿي ويندي “ .

اسان جي زمين اسان جو مستقبل سنڌ لاءِ ان ڪري به وڌيڪ اهميت رکي ٿو جو چونڊيل سنڌ جي جمهوري حڪومت سنڌ جي زرخيز زمين کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي بچيل ڪچي جي زمين تي رياستي پيدا ڪيل ڌاڙيلن جي وسلي قبضن جا منصوبا ٺاهيا ويا آهن، سنڌ جي سمنڊ ۽ سپر هائي وي جي آس پاس ڊي ايڇ اي مافيا ۽ انهن جا ٻيا ادارا سنڌ حڪومت کان سستي اگهه تي زمين خريد ڪري رهيا آهن، جابلو پٽي ۽ ڪوهستان جي زمين تي مافيا قبضا ڪري رهي آهي، ان ڪري سنڌ جي زمين سنڌ جو ان ڪري خطري هيٺ آيل مستقبل آهي، ان ڪري سنڌ جي قدرتي ماحول ۽ ماحوليات سخت خطري هيٺ آهي، جنهن جي سخت هر قسم جي مزاحمت جي ضرورت آهي .اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۾ خاص طور ماحولياتي صحافت جي سخت ضرورت آهي.جيئن دنيا ۽ ملڪي سطح تي سياست، راندين، جنگين. ثقافت ۽ ڏوهن وغيره جي صحافت ٿيندي آهي، تيئن سڌريل دنيا ۾ ” ماحولياتي صحافت “ به ٿي رهي آهي.

ان صحافت متعلق ادراڪ ۽ ضرورت 70..1960 جي ڏهاڪي ۾ ماحولياتي صحافت کي صحافت جي اهم حصي طور اخبارن ۽ بعد ۾ ٽي وي ميڊيا ۾ شامل ڪيو ويو. ماحوليات جي صحافت لاءِ دنيا ۾ موسمي تبديلين ۽ انهن جي تباهين کي سمجهڻ لاءِ  مختلف انساني سرگرمين، ٻيلن جي ڪٽائي، جهنگلي جيوت جي خاتمي، گرين گيسن ۽ ٻين ڪيميسٽري، فزڪس، بائلاجي جي فامولائن، لفظن، ٽرم کي سمجهڻ لاءِ پريس جي ادارن طرفان باقاعده تربيتي پروگرام شروع ڪرڻ سان گڏ ماحولياتي صحافت جا ڪتاب شايع ڪري يونيورسٽي سطح تي الڳ شعبا ۽ حڪومتن ۾ الڳ کاتا پڻ  قائم ڪيا ويا آهن. عالمي سطح تي جيئن سياست، ڏوهن وغيره جي رپورٽنگ ڪري صحافين کي رياستي ۽ غير رياستي سطح تي ڌمڪين، تشدد ۽ قتل کي منهن ڏيڻو پئي ٿو، تيئن دنيا ۾ ماحولياتي رپورٽنگ ڪري صحافين تي حملن ۽ تشدد جا 749 واقعا پيش اچي چڪا آهن، جن مان 44 ماحولياتي رپورٽر قتل ٿي چڪا آهن، جن جي صرف 5 قاتلن کي سزا ملي آهي.

پاڪستان ۾اول وڏين انگريزي، اردو اخبارن ۾ماحوليات جي هڪ الڳ بيٽ هوندي هئي، انهن جي تربيت پڻ ڪرائي ويندي هئي، بعد ۾ ٽي وي جي وڏن ادارن ۾ پڻ هڪ محدود سطح تائين رپورٽنگ ڪرڻ ۽ ڊاڪيومينٽري ٺاهڻ جون هدايتون ڏنيون وينديون هيون، سنڌي اخبارن ۾ ان حوالي سان شروع کان وٺي ڏڪر جي صورتحال رهي آهي. جڏهن رياستي ادارن ملڪ ۾ حقيقي عوامي جمهوريت جي قيام جي رستا روڪ لاءِ پريس جي آزادي کي ختم ڪرڻ لاءِ ميڊيا جي ڪجهه مالڪن سان ملي پريس جي دنيا ۾ اقتصادي بحران پيدا ڪيو، ان ڪري جن وڏين اخبارن ۽ ٽي وي جي ادارن ۾ 20 جي لڳ ڀڳ رپورٽرن کان سواءِ ڪيميرا مين ۽ فوٽو گرافر هوندا هئا، اتي ڇانٽين ڪري انهن جو تعداد  پنجن اندرا محدود ٿي ويو، اخبارن ۽ ٽي وي جي اندر رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ تي هاڻي ماحولياتي صحافت جي حوالي سان اڻ پڙهيلن جو تعداد وڌيڪ آهي ۽ مالڪن جي وڏي اڪثريت کي سنڌ سيڪريٽريٽ، سڌ سماءَ ،ٻين وزيرن ۽ پوليس سربراهن سان تعلقات بهتر رکڻ ۽ انهن کان گهرن، ٻارن ۽ زالن جا ڪم ڪرايندڙ نوڪر پيشه يا خوشامند ڪندڙ ڪمدار قسم جا صحافي دادلا گهرجن، جيڪي اشتهارن جو ڪاروبار به سنڀالن ۽ انهن جون شامون اميرن فقيرن جي دعوتن کائڻ، کارائڻ ۽ وزيرن جي شادين جي سڏ ۾ گذرن،جيڪي پنهنجا تعلقات نفعي نقصان، خوشامدي قسم جي دوستن ۾ گذارن، مالڪن جا ڪم به ڪرائن يا ڪمن تي لکين روپيا ڪمائن. اهڙي ڪارپوريٽ صحافت ۽ واپاري رپورٽنگ جي دنيا ۾ ماحولياتي صحافت ۽ علم کي جڳهه ڪٿي ملي سگهي ٿي، پروفيشنل جرنلزم ڪمزور ٿيڻ ڪري صحافتي تنظيمن ۽ ميڊيا جي ادارن طرفان رپورٽرن، سب ايڊيٽرن، نيوز ڊاريڪٽرن، نيوز ايڊيٽرن جي ماحوليات، انساني حقن سميت ٻين موضوعن تي تربيت ڪرائڻ جو لاڙو ختم ٿي چڪو آهي. جنهن جو عڪس اوهان کي اخبارن ۽ ٽي وي ميڊيا جي خبرن ۽ سرخين ۾ واضع نظر ايندو.دنيا جي ٻين ملڪن وانگر سنڌ جي اڪثر علائقن ۽ پاڪستان جي ڪجهه حصن ۾ آيل برساتن، ٻوڏن جي تباهين، ماحولياتي تبديلين ڪري ماحولياتي صحافت جي اهميت ۽ ضرورت وڌيڪ شددت سان محسوس ٿي رهي آهي ته اخبارن ۽ ٽي وي ميڊيا ۾ اندر رپورٽرن ۽ ڊيسڪ تي ويٺلن کي ماحولياتي صحافت جون ذميواريون رکي انهن جي اسپيشل تربيت جا پروگرام شروع ڪيا وڃن، سنڌ حڪومت وٽ به ماحوليات ۽ موسمي تبديلي جا کاتا ۽ پاليسي موجود آهي، پر اسان کي ان بابت ڪا تصوير ۽ سرگرميون 5 جون تي نظر نه اچي رهيون آهن.

هڪ اداري دي اسٽيزنري طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ موجب سنڌ حڪومت سال 2007کان وٺي سال 2023..24 تائين ماحوليات، موسمي تبديلي جي حوالي سان لاڳاپيل رکيل 16 بجيٽن جو اڌ کان به گهٽ خرچ ڪيو آهي اداري موجب 2007 کان 2023-24 تائين، سنڌ صوبي موسمياتي تبديليءَ لاءِ 48.8 بلين رپيا مختص ڪيا، پر ان جا لاڳاپيل ادارا ان مان صرف 20 بلين رپيا خرچ ڪري سگھيا، يعني مجموعي بجيٽ جو رڳو 41 سيڪڙو خرچ ڪيو ويو.. موسمياتي بجيٽ جي رپورٽ موجب تازو قائم ڪيل ڊائريڪٽوريٽ آف ڪلائيميٽ چينج لاءِ 90 ملين رپيا مختص ڪيا ويا، جنهن مان 40 ملين رپيا سالانه مختص ڪيا ويا، جنهن مان هڪ رپيو به خرچ نه ٿي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ڪارڪردگيءَ جو اندازو ٻڙي آهي رپورٽ ۾ سنڌ حڪومت تي پڻ تنقيد ڪئي وئي آهي ته ان جي ماحوليات ۽ موسمي تبدلي لاءِ مختص ڪيل بجيٽ کي مڪمل طور استعمال ڪرڻ لاءِ عزم نه هجڻ ۽ موسميات ۽ ماحوليات جي شعبن جي ڪارڪردگي کي نظرانداز ڪرڻ ۾ آهي.. سنڌ  سالن جي عرصي دوران 3.419 بلين رپيا  انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي لاءِ مختص ڪرڻ جي باوجود سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري ۽ مختص ڪيل رقم مان صرف 336.56 ملين رپيا خرچ ڪيا آهن ، جيڪو مختص ڪيل فنڊن جو صرف 10 سيڪڙو آهي. سنڌ ڪوسٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي 10.069 ارب رپين مان 4.421 ارب رپيا سالانه فنڊ جاري ڪرڻ جي باوجود ان جي ڪارڪردگيءَ جي شرح صرف 43.91 سيڪڙو رهي آهي… سنڌ جي جهنگلي جيوت کاتي 1.816 بلين رپين مان 766.126 ملين رپيا استعمال ڪيا، جنهن جي ڪارڪردگيءَ جي شرح 42 سيڪڙو آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته موسمياتي بجيٽ وڌائڻ بدران سنڌ حڪومت موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻين انفراسٽرڪچر منصوبن کي ترجيح ڏني آهي. مثال طور ملير ايڪسپريس وي منصوبي جي لاڳت ڪل موسمي بجيٽ کان وڌيڪ آهي. سنڌ حڪومت جو ماحولياتي تبديلي ۽ ماحوليات طرف رکيل رويو ثابت ڪري ٿو ته هن سال به سنڌ شايد برساتن ۽ ٻوڏن ۾ موسمي تبديليءَ جي هلڪي جهلڪ به اڃان تائين ٽينٽن ۾ رهندڙ خدا جي غريب مخلوق بيمارين ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ زندگي گذاريندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.